اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) امام شيخ بندر بن عبدالعزيز حج جي خطبي ۾ چيو آهي ته مسلمانن کي پنهنجي والدين، ٻارن، رشتيدارن، عورتن ۽ ملازمن سميت ٻين سان شريعت موجب رحمدلي ڏيکارڻ گهرجي، اهي پنهنجون سماجي ذميواريون پوريون ڪن ۽ زمين تي ڪنهن به خرابي کان بچڻ جي لاءِ موجوده قانونن تي عمل ڪن، مسلمانن کي پنهنجي ڏيتي ليتي جي معاملن ۾ پڻ ديانتداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين کي دوکو نه ڏيڻ گهرجي، پنهنجي دنياوي ۽ آخرت جي زندگي ۾ ڪاميابي جي لاءِ پاڪ پيغمبر خاتم النبين حضرت محمد ﷺ جي تعليم تي عمل ڪن، اهل ايمان کي پنهنجي ڳالهه ٻولهه جيتوڻيڪ اسلام جي پيغام جي ترويج ۽ ٻين کي اسلامي تعليم جي پيروي جي لاءِ قائل ڪرڻ وقت سدائين شائستگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، مسلمان پنهنجي معاشرن کي تشدد ۽ انتهاپسندي کان پاڪ رکن، الله تعاليٰ جون رحمتون لامحدود آهن ۽ هر ڪنهن کي ان حقيقت تي مطمئن هجڻ گهرجي ۽ الله جون رحمتون طلب ڪندو رهڻ گهرجي. عازمين حج ڏينهن حج جو رڪن اعظم ”وقوف عرفات“ ادا ڪيو. فرزندان توحيد مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ٻڌو ۽ ظهر ۽ عصر جي نماز گڏ ادا ڪئي. عازمين حج عرفات ۾ قيام ڪيو. انهن سج لهڻ تائين پنهنجي حج جي قبوليت ۽ اسلامي دنيا جي سربلندي جي لاءِ دعائون ڪيون ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ڪئي. عازمين حج مزدلفه ۾ مغرب ۽ عشاءَ جي نماز گڏ ادا ڪندا ۽ اتي رات قيام ڪندا. غلاف ڪعبه جي تبديلي جي سالياني تقريب مسجد الحرام ۾ ٿي. حج جي خطبي جي موقعي تي امام شيخ بندر بن عبدالعزيز مسلمانن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي دلين کي نفرت کان پاڪ ڪن ۽ پنهنجي روزاني جي معاملن ۾ ٻين سان نرمي سان پيش اچن. مسجد نمره ميدان عرفات ۾ حج جو خطبو ڏيندي هن چيو ته مسلمانن کي پنهنجي والدين، ٻارن، رشتيدارن، عورتن ۽ ملازمن سميت ٻين سان شريعت موجب رحمدلي ڏيکارڻ گهرجي. امام شيخ بندر بن عبدالعزيز مسلمانن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجون سماجي ذميواريون پوريون ڪن ۽ زمين تي ڪنهن به خرابي کان بچڻ جي لاءِ موجوده قانونن تي عمل ڪن. هن چيو ته مسلمانن کي پنهنجي ڏيتي ليتي جي معاملن ۾ پڻ ديانتداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين کي دوکو نه ڏيڻ گهرجي. شيخ بندر بن عبدالعزيز مسلمانن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي دانوي ۽ آخرت جي زندگي ۾ ڪاميابي جي لاءِ پاڪ پيغمبر خاتم النبين حضرت محمد ﷺ جي تعليم تي عمل ڪن. هن چيو ته اهل ايمان کي پنهنجي ڳالهه ٻولهه جيتوڻيڪ اسلام جي پيغام جي ترويج ۽ ٻين کي اسلامي تعليم جي پيروي جي لاءِ قائل ڪرڻ وقت سدائين شائستگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن مسلمانن کي چيو ته اهي پنهنجي معاشرن کي تشدد ۽ انتهاپسندي کان پاڪ رکن. هن چيو ته الله تعاليٰ جون رحمتون لامحدود آهن ۽ هر ڪنهن کي ان حقيقت تي مطمئن هجڻ گهرجي ۽ الله جون رحمتون طلب ڪندو رهڻ گهرجي. واضح رهي ته هر سال لکين فرزندان توحيد حج جو فرض ادا ڪن ٿا پر ڪورونا ايس او پيز جي ڪري رڳو 60 هزار عازمين حج کي ان جي اجازت ڏني وئي.