ڪوئيٽا – 22 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي آهي، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لاءِ دعا ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ ۽ صوبي جي مجموعي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا کي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.