روم/اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين روم ۾ ايف اي او ڪانفرنس جي 44هين اجلاس جي موقعي تي خوراڪ ۽ زراعت جي عالمي تنظيم (ايف اي او) جي ڊائريڪٽر جنرل ڪوڊونگيو سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ ايف اي او جي ڊگهي مُدي واري فني ۽ مالي معاونت تي عزت افزائي جو اظهار ڪيو. هن ڊي جي کي پاڪستان جي زرعي ۽ غذائي نظام ۾ جاري سڌارن کان آگاهه ڪيو جنهن جو مقصد انهن نظامن کي پائيدار، جامع ۽ موسمياتي تبديلين خلاف مزاحمت ڪندڙ وارو بنائڻ آهي. هن زراعت جي معيشت ۾ اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو جيڪا پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 24 سيڪڙو حصو شامل ڪري ٿي ۽ 37 سيڪڙو ليبر فورس کي روزگار فراهم ڪري ٿي. هن ويزن 2025ع ۽ وزيراعظم جي زرعي ايمرجنسي پروگرام تحت کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو جن ۾ پاڻيءَ جي تحفظ، ٻج جي نظام جي بهتري، ڊجيٽل ايڪسٽينشن سروسز ۽ آبادگارن لاءِ هدف موجب سبسڊيز شامل آهن. ان کان علاوه هن بائيو ٽيڪنالاجي، اِي ڪامرس پاليسي ۽ مٽي جي صحت جي قومي نقشه سازي جهڙن نَون قدمن تي پڻ روشني وڌي.  وفاقي وزير ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته انهن سڌارن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن جن ۾ صحتمند خوراڪ جي طاقت رکندڙ گهرن جي شرح 2019ع ۾ 37 سيڪڙو مان وڌي 2024ع ۾ 52 سيڪڙو ٿي وئي آهي جڏهن ته صحتمند خوراڪ جي اصل لاڳت ۾ به نمايان گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان کي هاڻ به خوراڪ جي عدم تحفظ، پيداواري لاڳت ۾ واڌ ۽ موسمياتي اثرن جهڙا ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. وفاقي وزير عالمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريندي درخواست ڪئي ته ايف اي او پاڪستان کي ڪلائيميٽ فنانسنگ، ڪاربن مارڪيٽ ۽ هڪجهڙي طريقيڪار تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ سهڪار فراهم ڪري ته جيئن متاثر آبادگار برادريءَ کي رليف فراهم ڪري سگهجي. ڊي جي ڪوڊونگيو پاڪستان جي سڌارن وارن قدمن کي ساراهيو ۽ ايف اي او طرفان فني ۽ پاليسي معاونت جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي. هن پاڪستان جي ڪلائميٽ سمارٽ زراعت، ڊجيٽل جدت ۽ اداره جاتي صلاحيت ۾ واڌ وارن قدمن جي تعريف ڪئي. ڌُرين ٻجن جي بائيو ٽيڪنالاجي، غذائي نظام جي تبديلي، اڳواٽ وارننگ نظام ۽ اداره جاتي سگهه ۾ واڌ لاءِ سهڪار کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، خاص طور تي پاڪستان جا زرعي تحقيقي ادارا ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل جو پليٽ فارم شامل آهي. آخر ۾ وفاقي وزير ايف اي او ۽ گڏيل قومن جي ٻين ادارن سان ويجهو سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن پائيدار، منصفاڻو ۽ موسمياتي لحاظ کان رڪيل زرعي ۽ غذائي نظام جوڙي سگهجي جيڪو نه صرف پاڪستان پر عالمي سطح تي 2030ع جي ايجنڊا جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ معاونت وارو ثابت ٿيندو.