اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ اندروني سياسي حل ۾ سهولت لاءِ پرعزم آهي، ان ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان صدر اشرف غني سان ملاقات تي اتفاق ڪيو آهي، اسان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن زهريلن ذهنن کي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي حمايت تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏينداسين. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته ڪابل ۾ ڪجهه ڦورو پنهنجي دوکيبازي ۽ فريب تي ٻڌل بيان ڏئي رهيا آهن جيڪي بدقسمتي سان افغان ڀينرن ۽ ڀائرن تي انهن جي سينيئر عملدار طور تي مڙهيا ويا آهن، اهي پنهنجي ناڪامين تي پڙدو وجهڻ ۽ انهن تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ گڏيل لاڳاپن کي خراب ڪرڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته افغانستان کي انهن بيوقوفاڻن بيانن سان روزانو شرمندگي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. افغانين کي اهو يقين ڪرڻ گهرجي ته هر ڪو انهن ڦورن جي ڪڌي ايجنڊا ڏسي رهيو آهي، اسان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن زهريلن ذهنن کي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي حمايت تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏينداسين.