ڀمبر – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي حمايت سان مافيا کي شڪست ڏينداسين ۽ نئون پاڪستان ٺاهي ڏيکارينداسين، ظلم جي خلاف ۽ قانون جي حڪمراني جي لاءِ اسان جهاد شروع ڪيو آهي، مافياز پراڻي نظام کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر مقابلو ڪرڻ اچي ٿو، ملڪ جون عدالتون آزاد آهن، عمران خان سپريم ڪورٽ تي ڏنڊن سان حملو نه ڪري رهيو آهي، عمران خان ڪنهن جج کي ٽيليفون نه ٿو ڪري، پي ٽي آءِ لاهور هاءِ ڪورٽ کي ڪنٽرول نه ٿي ڪري، جيڪڏهن عدالتون آزاد آهن ته هي ماڻهو ٻاهر ڇو ويٺا آهن، دنيا ۾ سمورن غريب ملڪن جا ليڊر نواز شريف ۽ آصف زرداري جهڙا نڪرندا، ڪو شڪ نه آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ اسان والاريل ڪشمير کي آزاد ڏسنداسين. آزاد ڪشمير جي ضلعي ڀمبر ۾ هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو عوام کي تاڪيد ڪري ٿو ته اهي ماسڪ جو استعمال ضرور ڪن ڇو ته ڪورونا وائرس جي وبا ختم ناهي ٿي ۽ کيس عوام جي فڪر آهي، ماسڪ پائڻ سان اسان وبا کان بچي سگهون ٿا، الله تعاليٰ اڃا تائين پاڪستان کي ان وبا کان بچايو آهي، ڀارت ۾ ڪورونا سان وڏي تباهي ٿي آهي ۽ لکين ماڻهو مري چڪا آهن جڏهن ته ڪروڙين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن، اسان کي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، اسان تي الله تعاليٰ جو خاص ڪرم آهي، اسان ماسڪ پائي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري الله جو شڪر ادا ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته هو هن ملڪ جي نوجوانن ۽ ملڪ جي مستقبل بابت سوچي ٿو، سندس خواهش آهي ته اسان هڪ عظيم قوم بڻجون، پاڪستان هڪ اهڙي قوم هجي جڏهن ان جو شهري پاسپورٽ کڻي وڃي ته ماڻهو ان جي عزت ڪن. وزيراعظم چيو ته عظيم قوم بڻجڻ جي لاءِ اسان کي پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ ۽ ان مان سکڻو پوندو، اسان جي پيغمبر معاشري جي انهن ماڻهن کي عزت ڏني آهي ۽ انهن کي مٿي کنيو جن جي عزت نه هئي، ان وقت ٻه سپر پاور هئا، مسلمانن جي ڪا حيثيت نه هئي، دنيا جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته مديني هجرت جي 13 سالن کانپوءِ هڪ سپر پاور ۽ 14 سالن کانپوءِ ٻئي سپر پاور مسلمانن جي اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا. هن چيو ته اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اهي ڪهڙا سبب هئا جو اهي عرب جن کي ڪير پڇندو به نه هو، انهن دنيا جي امامت ڪئي، الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو ته منهنجي نبي ﷺ جي زندگي مان سکو ان جي شريعت تي هلو ان ۾ سڀني جي بهتري آهي ۽ انهن ئي اصولن تي هلي انسان وڏو انسان بڻجي ٿو، مديني جي رياست جي اصولن تي ڪا به قوم هلندي ته اها عظيم قوم بڻجندي، آئون چاهيان ٿو ته اسان جي قوم عظيم قوم بڻجي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان اسان ماضي ۾ غلط رستي تي هلياسين، قرض وٺي ۽ ٻين جي جنگين ۾ امداد جي شامل ٿيڻ اسان جي ڪا عزت ناهي ٿي، دنيا ۾ قرض گهرندڙن جي ڪا عزت ناهي هوندي، اها انساني فطرت آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان الله کان گهرون ٿا ۽ ان جي آڏو هٿ ڦهلايون ٿا ته هو خوش ٿئي ٿو، انسانن جي آڏو هٿ ڦهلائيندڙن جي ڪا عزت ناهي هوندي. وزيراعظم چيو ته نبي پاڪ ﷺ کي ماڻهو جيتوڻيڪ انهن جا دشمن ۽ مخالف به صادق ۽ امين يعني سچو ۽ انصاف ڪندڙ مڃيندا هئا، سچي ۽ انصاف ڪندڙ جي دنيا عزت ڪندي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ قائداعظم محمد علي جناح کي آئون ليڊر مڃان ٿو، قائد جا مخالف به اهو مڃيندا هئا ته هو سچ ڳالهائي رهيو آهي ۽ انصاف پسند آهي ان لاءِ ان جا مخالف به ان جي عزت ڪندا هئا. هن نوجوانن کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان کي هڪ عظيم قوم بڻجڻو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ۽ ملڪ کي بدلائڻو آهي، سچائي ۽ ايمانداري سان اسان پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي ملڪ کي بدلائي سگهون ٿا. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام جڏهن 25 جولاءِ تي ووٽ وجهڻ وڃي ته ووٽ وجهڻ کان اڳ پنهنجو پاڻ کان سوال ضرور ڪري ته ڇا اهي هڪ اهڙي پارٽي جي ليڊر کي ووٽ ڏئي رهيا آهن جيڪو سچو ۽ ايماندار آهي يا نه، ڇا اهي ڪنهن اهڙي ليڊر کي ووٽ ته نه ڏئي رهيا آهن جيڪو ڪوڙ ڳالهائڻ وارو هجي ۽ بالي ووڊ جي ايڪٽنگ ڪري بيماري جو بهانو بڻائي ٻاهر هليو وڃي. وزيراعظم چيو ته اها اهڙي اداڪاري هئي جو اسان جي ڪابينا جي عورتن روئڻ شروع ڪري ڇڏيو ته خدانخواسته جهاز جون سيڙهيون به چڙهندو يا نه پر جيئن ئي لنڊن جي هوا لڳي اتي ٻيو نواز شريف نڪتو. وزيراعظم چيو ته پڇڻ گهرجي ته جڏهن هن ملڪ جون عدالتون آزاد آهن، عمران خان سپريم ڪورٽ تي ڏنڊن سان حملو نه ڪري رهيو آهي، عمران خان ڪنهن جج کي ٽيليفون نه ٿو ڪري، پي ٽي آءِ لاهور هاءِ ڪورٽ کي ڪنٽرول نه ٿي ڪري، جيڪڏهن عدالتون آزاد آهن ته هي ماڻهو ٻاهر ڇو ويٺل آهن، انهن جو منشي اسحاق ڊار اسان جي حڪومت اچڻ کان اڳ ڀڄي ويو هو، ان جو پٽ به ٻاهر آهي، اهڙي طرح شهباز شريف جو پٽ ۽ ناٺيءَ به ٻاهر آهن، هي ڪنهن کان ڊڄي رهيا آهن، عدالتون ته آزاد آهن، پي ٽي آءِ جي ٻن وزيرن کي به جيلن ۾ وڌو ويو، جيڪڏهن اسان عدالتن کي ڪنٽرول ڪندا هجون ها ته اسان جا وزير ڪيئن جيلن ۾ وڃي سگهن ها ان لاءِ اهو سوال پڇڻ گهرجي ته جنهن پارٽي کي ماڻهو ووٽ ڏئي رهيا آهن ان جو ليڊر صادق ۽ امين آهي يا نه، اهو سچو ۽ ايماندار آهي يا نه، جيڪڏهن ليڊر ايماندار هوندو ته اميدوار ۽ هيٺ وارو به ڊڄندو. وزيراعظم چيو ته اهو مسئلو رڳو پاڪستان ۾ نه پر توهان دنيا ۾ سمورن ملڪن جو جائزو وٺو جيڪو ملڪ به غريب هوندو ان جا ليڊر نواز شريف ۽ آصف زرداري جهڙا نڪرندا، انهن ملڪن مان به پئسو چوري ڪري ٻاهر موڪليو ويندو هوندو، دنيا ۾ توهان کي اهڙو ڪو به غريب ملڪ نه ملندو جتي قانون جي حڪمراني ۽ انصاف هجي، جتي غربت هوندي اتي قانون نه پر طاقت جي حڪمراني هوندي، اهڙن ملڪن ۾ ڪرپٽ ليڊر جيلن کان ٻاهر جڏهن ته غريب ۽ ڪمزور ماڻهو جيلن ۾ هوندا، حضرت علي رضه جو قول آهي ته ڪفر جو نظام هلي سگهي ٿو پر طلم جو نظام نه ٿو هلي سگهي، نبي ڪريم ﷺ چيو هو ته جيڪڏهن منهنجي ڌيءَ به ڏوهه ڪندي ته ان کي سزا ٿيندي ڇو ته قانون کان ڪير به مٿانهون نه آهي، انصاف نه هجڻ سان قومون تباهه ٿي وڃن ٿيون. وزيراعظم چيو ته ڪمزور ماڻهو جيلن ۾ وڃن ٿا ۽ طاقتور جو پوٽو ملڪ کان ٻاهر وڃي پولو مئچ کيڏي ٿو، جيڪي ماڻهو برطانيا ۾ رهن ٿا انهن کي خبر آهي پولو بادشاهن جي راند هوندي آهي ۽ ان جي لاءِ تمام گهڻو پئسو گهربل هوندو آهي، انهن وٽ ايترو پئسو ڪٿان اچي ويو، اهو پئسو هن ملڪ جي ماڻهن جو آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ قوم تڏهن اٿي بيهندي آهي جنهن جي اخلاقيات جو بنياد حق ۽ سچائي تي هجي، مولانا روم کان پڇيو ويو ته قوم ڪيئن مرندي آهي ته ان تي مولانا روم هڪ خوبصورت ۽ خوشبودار ۽ بدصورت وڻ جو مثال ڏنو ۽ چيو ته جيڪا قوم سٺي ۽ بُري ۽ سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق نه ٿي ڪري اها اڳ ۾ اخلاقي ۽ پوءِ معاشي طور تي تباهه ٿي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان سچائي ۽ انصاف جي رستي تي نڪتا آهيون، ظلم جي خلاف ۽ قانون جي حڪمراني جي لاءِ اسان جهاد شروع ڪيو، مافيا پراڻي نظام کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر توهان جي ڪپتان کي مقابلو ڪرڻ اچي ٿو، عوام جي حمايت سان مافيا کي شڪست ڏينداسين ۽ نئون پاڪستان ٺاهي ڏيکارينداسين. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي جدوجهد ۽ صبر ۽ استقامت کي ساراهيو ۽ چيو ته 5 آگسٽ جا واقعا ٿيا ته کيس اهو خدشو هو ته ڀارت ڪشميرين تي وڌيڪ ظلم ڪندو، ڪشمير جي نوجوانن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، پيلٽ گنز سان انهن کي اکين جي نور کان محروم ڪيو ويو پر ڪشميرين جو جوش ۽ جذبو برقرار رهيو، اڄ نه رڳو آئون پر سڄي مسلمان دنيا ان ڳالهه تي فخر ڪري رهي آهي ته ڪشميري بهادري سان نريندر مودي جو مقابلو ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ڪو شڪ نه آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ اسان والاريل ڪشمير کي آزاد ڏسنداسين. ان کان اڳ جلسي کي علي شان سوهني، انوارالحق نور ۽ چوڌري انوارالحق پڻ خطاب ڪيو ۽ ڀمبر اچڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم جي جلسي ۾ هزارن جي انگ ۾ پرجوش ماڻهو موجود هئا جن وٽ پي ٽي آءِ جا جهندا هئا. جلسي ۾ عورتن جي هڪ وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض سينيٽر فيصل جاويد ادا ڪيا.