ميرپور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميري بهادر ۽ لااله االله محمد رسول صه کي مڃيندڙ قوم آهي، ڀارت ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو جنيوا ڪنوينشن تحت جنگي ڏوهه آهي، ڀارت پنهنجي ڪوششن ۾ ناڪام ٿيندو ۽ پاڪستان هر فورم تي ان جي خلاف آواز اٿاريندو، دنيا کي ٻڌايو ته آر ايس ايس جي حڪومت نسل پرست آهي، اهي هندو بالادستي جي سوچ رکن ٿا ۽ اهي پنهنجي اقليتن کي پنهنجي برابر جو شهري ۽ انسان نه ٿا سمجهن، اسان کي طاقتور ڌاڙيل کي قانون جي هيٺ آڻڻ ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻي آهي، جيڪڏهن غلط ڪم ناهي ڪيو ته ملڪ مان ڇو ڀڄي ويا، اسحاق ڊار اسان جي حڪومت اچڻ کان اڳ ٻاهر ڀڄي ويو هو ڇو ته کيس خبر هئي ته عمران خان ايندو ۽ هو ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندو، 25 تاريخ تي ووٽ جي طاقت سان نئون ڪشمير ٺاهينداسين. ميرپور ۾ هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي جڏهن ڀارت والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جو هڪطرفو قدم کنيو ته انهن کي حيرت ٿي ته ڇا ڀارت کي ڪو فڪر نه آهي ته پاڪستان ان تي ڪهڙو ردعمل جو مظاهرو ڪندو، ڀارت سمجهي رهيو هو ته پاڪستان ان تي خاموشي اختيار ڪندو، ماضي ۾ ڪشميري نوجوانن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويندو رهيو، انهن کي پيلٽ گنز سان اکين جي نور کان محروم ڪيو پئي ويو، ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون شهيد ڪيو ويندو رهيو پر پاڪستان مان ان تي ڪير به نه ڳالهائيندو هو، هڪ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري بيان ڏنو ته نواز شريف جو حڪم هو ته ڀارت تي ڪا تنقيد نه ٿيندي، جڏهن نواز شريف ڀارت ويو ته هن حريت اڳواڻن سان ملاقاتون نه ڪيون ته جيئن نريندر مودي ناراض نه ٿئي. وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ جي قدمن جي حوالي سان نريندر مودي غلط هو، نريندر مودي جي سوچ اها هئي ته جهڙي طرح نواز شريف جي دور ۾ ٿي رهيو هو اهڙي طرح هاڻي به پاڪستان خاموش رهندو، ان جي سوچ اها هئي ته جيڪو به پاڪستان ۾ ليڊر ايندو اهو پنهنجي ڪرسيءَ، جائيداد، بزنس، ٻاهرئين ملڪ بئنڪ بيلنس ۽ مني لانڊرنگ جو سوچيندو پر الله جو شڪر آهي ته آئون آزاد انسان آهيان، لااله الله جو ڪلمو انسان کي آزاد بڻائي ڇڏي ٿو، جڏهن ڪير چوي ٿو ته الله کانسواءِ ڪنهن جي آڏو نه جهُڪندس ته انسان هر قسم جي خوف کان آزاد هوندو آهي، اهڙو انسان سمجهندو آهي ته زندگي ۽ رزق الله جي هٿ ۾ آهي ۽ ڪير ان کي ذليل نه ٿو ڪري سگهي، آزاد انسان ڪڏهن به ڪنهن جي غلامي ناهي ڪندو. وزيراعظم چيو ته کيس فخر آهي ته ڪشمير جو ڪيس 70 سالن کانپوءِ پوري دنيا ۾ هن اٿاريو، سلامتي ڪائونسل ۾ ڪشمير جو معاملو اٿاريو ويو، مون جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير جو نالو ان لاءِ نه ورتو ته مون کي ووٽ گهرجن ها، آئون ٻاروتڻ کان سمجهندو هئس ته ڪشمير جي ماڻهن ۾ جيڪو جذبو ۽ ولولو آهي اهي هار نه مڃيندا، ڪشميرين وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ انهن جي انهي جوش ۽ جذبي کي ڏسندي مون فيصلو ڪيو ته جڏهن به مون کي موقعو مليو ته آئون ڪشمير جو ڪيس سڄي دنيا ۾ وڙهندس. وزيراعظم چيو ته هن هر فورم، ميڊيا، وڏن وڏن چينلن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ ايشيا سوسائٽي سميت هر جڳهه تي ڪشميرين جو آواز بلند ڪيو ۽ دنيا کي ٻڌايو ته آر ايس ايس جي حڪومت نسل پرست آهي، اهي هندو بالادستي جي سوچ رکن ٿا، اهي پنهنجي اقليتن کي پنهنجي برابر جو شهري ۽ انسان نه ٿا سمجهن، جهڙي طرح جرمني ۾ هٽلر جي نازي پارٽي جي جرمن نسل جي بالادستي جي سوچ هئي اهڙي طرح آر ايس ايس جي سوچ هندو بالادستي جي سوچ آهي، آر ايس ايس رڳو مسلمانن کي نه پر عيسائين، سکن ۽ شيڊيول ڪاسٽن کي به پنهنجي برابر جو شهري ۽ انسان نه ٿي سمجهي. وزيراعظم چيو ته آر ايس ايس جي انهي نظريي تحت نريندر مودي 5 آگسٽ جا هڪطرفا قدم کنيا، اهي ڪشميرين کي برابر جو انسان ۽ شهري نه ٿا سمجهن، نريندر مودي جي سوچ هئي ته ڪشميري گوڏا کوڙي ڇڏيندا. وزيراعظم چيو ته هو والاريل ڪشمير جي نوجوانن ۽ ڪشميرين کي سلام پيش ڪري ٿو، ڪشميرين 90 سالن تائين 8 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجين جي ظلم ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪيو، جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن حصي ۾ اهڙي قسم جي صورتحال هجي ها ته اهي گوڏا کوڙي ڇڏين ها پر ڪشميري بهادر ۽ لااله الله محمد رسول الله صه کي مڃيندڙ قوم آهي، ڪشميرين نه رڳو پنهنجي قوم پاڪستانين پر سڄي دنيا جي مسلمانن جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو آهي، ڪشميرين جي انهي جذبي کي اسرائيلي جارحيت جي خلاف وڙهندڙ فلسطيني به سلام پيش ڪن ٿا ۽ اهي ڪشميرين جي راهه ڏسي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته الله جو فرمان آهي ته هر مشڪل کانپوءِ آساني آهي، اهو واعدو ايمان وارن ماڻهن جي لاءِ آهي، اها ڪشميرين جي لاءِ خوشخبري آهي، ڪشميرين جهڙي طرح صبر ۽ استقامت جو مظاهرو ڪيو آهي ان جا بهتر نتيجا نڪرندا، هندستان کي جيڪو ڪرڻو هو اهو ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو جنيوا ڪنوينشن تحت جنگي ڏوهه آهي، بحران وارن علائقن ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي، ڀارت پنهنجي انهن ڪوششن ۾ ناڪام ٿيندو ۽ پاڪستان هر فورم تي ان جي خلاف آواز اٿاريندو. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام 25 جولاءِ تي ووٽ وجهڻ کان اڳ پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ضرور پڇن ته جنهن پارٽي کي اهي ووٽ ڏئي رهيا آهن ڇا ان جو سربراهه صادق ۽ امين آهي يا چور آهي. اميدوار جيترو به ايماندار هجي پر جيڪڏهن پارٽي جو سربراهه ٻه نمبر، ڪرپٽ، مني لانڊرنگ ڪرڻ، پئسو چوري ڪري لنڊن موڪلڻ وارو ۽ وڏن محلن ۾ رهڻ وارو هجي ته اهو ڪا به تبديلي نه ٿو آڻي سگهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن هو پاڻ چوري نه ڪري رهيو آهي ته اهو ڪنهن ٻئي کي به چوري ڪرڻ ۽ پئسو ٺاهڻ نه ڏيندو، جيڪڏهن آئون پاڻ چوري ڪريان ته آئون ڪنهن ٻئي جي چوري تي اکيون بند ڪري ڇڏيندس. وزيراعظم چيو ته گذريل 30 سالن کان ٻه وڏيون پارٽيون ملڪ کي نچوڙي رهيون هيون، اهي پاڻ پئسو ٺاهي رهيا هئا ۽ پنهنجي ساٿين کي به پنجابي محاوري موجب ڪاڻو ڪري ڇڏيندا هئا ته جيئن حمام ۾ سڀ ننگا هجن. وزيراعظم چيو ته هو نوجوانن کي چوڻ چاهي ٿو ته توهان پنهنجي ووٽ سان ملڪ ۽ قوم جو مستقبل بدلائي سگهو ٿا، ووٽ وجهڻ وقت خاندان، برادري ۽ رشتيداري جو نه سوچيو، ان کانسواءِ اسان جو ملڪ عظيم ملڪ نه ٿو بڻجي سگهي. وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ مديني ۾ پاڻ ۾ وڙهندڙ قبيلن کي ڪلمه طيبه جي نظريي تي گڏ ڪيو، انهي نظريي تحت انهن دنيا جي امامت ڪئي ۽ مسلمان ۽ عرب ڪيترين ئي صدين تائين سپر پاور رهيا. هن چيو ته 25 جولاءِ تي ووٽ وجهڻ وقت ڏسڻ گهرجي ته جنهن پارٽي کي ووٽ ڏنو پيو وڃي ان جو ليڊر صادق ۽ امين آهي يا نه، ڪرپٽ ماڻهن کي ووٽ نه ڏيو. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ اهي ملڪ خوشحال آهن جتي قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جو نظام لاڳو هوندو آهي، وسيلن سان قومون عظيم نه ٿيون بڻجن، جن ملڪن ۾ انصاف ۽ قانون جي حڪمراني جو نظام هوندو آهي اتي خوشحالي هوندي آهي، ان جي ابتڙ جن ملڪن جا ليڊر ۽ وزيراعظم ڪرپٽ هجن ملڪ جو پئسو ٻاهر موڪليندا هجن ۽ محلن ۾ رهندا هجن اهي قانون کان مٿانهون هجن اهڙا ملڪ غريب هوندا آهن، اهڙن ملڪن ۾ غريب جيلن ۾ هوندا آهن جڏهن ته وڏا ماڻهو اين آر او وٺي ملڪ کان ٻاهر هوندا آهن. وزيراعظم چيو ته هي ڪشمير ۽ پاڪستان جي جنگ آهي، اسان کي طاقتور ڌاڙيل کي قانون جي هيٺ آڻڻ ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻي آهي، عام ماڻهو کي ظلم کان آزاد ڪرڻو آهي، ظلم جو نظام ختم ڪرڻو پوندو، ڪفر جو نظام ته هلي سگهي ٿو پر ناانصافي جو نظام نه ٿو هلي سگهي، ان لاءِ 25 تاريخ تي اهو ضرور پڇڻ گهرجي ته هي جيڪي ملڪ کان ٻاهر ويٺا آهن جيڪڏهن انهن ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو ۽ انهن کي ڪو ڊپ نه آهي ته اهي ملڪ مان ڇو ڀڳا آهن، اڄ عدالتن کي ڪير به ڊڪٽيشن نه ڏئي رهيو آهي، اسحاق ڊار اسان جي حڪومت اچڻ کان اڳ ٻاهر ڀچي ويو هو ڇو ته کيس خبر هئي ته عمران خان ايندو ۽ هو ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندو، عوام کي انهن کان پڇڻ گهرجي ته عدالتن کي منهن ڇو ٿا ڏين. وزيراعظم چيو ته سندس خلاف جڏهن انتقامي ڪارروائي تحت سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو ويو ته هو ملڪ مان ڀڄي نه ويو پر هڪ هڪ الزام جو ثبوت ڏنو، جڏهن ته آئون رانديگر هئس ان جي باوجود مون سڀ جواب ڏنا، هي 30 سالن تائين ملڪ کي ڦريندا رهيا، ان لاءِ ٻاهر ڀڄي ويا. وزيراعظم چيو ته 25 تاريخ تي بيٽ کي ووٽ ڏئي نئون ڪشمير ٺاهڻو آهي.