اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڊيره غازي خان ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بحيثيت قوم اسان کي اهو احساس ڪرڻو پوندو ته ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي حياتي کسيندڙ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جا ڊرائيورز عوام جي زندگين جا امين آهن، انهن کي اڃا به وڌيڪ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.