اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ڊي جي خان جي علائقي تونسه شريف ۾ بس ۽ ٽرڪ ۾ ٿيندڙ ٽڪر جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي جدا جدا تعزيتي بيانن ۾ سوڳوار خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته اهي ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ آهن. هنن الله تعاليٰ کان مرحومن جي ايصال ثواب ۽ ڏکويل خاندانن کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي دعا ڪئي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ان حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ۽ لاڳاپيل ادارن کي زخمين جي بهتري طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي.