اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مودي حڪومت پاران سياسي مخالفن جا فون ٽيپ ڪرڻ جي خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي حڪومت صحافين، سياسي مخالفن ۽ سياستدانن جا فون ٽيپ ڪرڻ جي لاءِ اسرائيلي سافٽ ويئر استعمال ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مودي حڪومت جي غيراخلاقي پاليسين سان خطي جي امن کي سخت خطرا درپيش ٿي ويا آهن ۽ ڀارت جي اندروني ورڇ وڌيڪ واضح ٿي وئي آهي.