اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڊي جي خان تونسه شريف ۾ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سوڳوار خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي ڏک جي ان گهڙيءَ ۾ هو انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. سينيٽ چيئرمين ٽريفڪ جي ان المناڪ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن جي مغفرت ۽ درجا بلند ڪري ۽ ڏکويل خاندانن کي صبر جميل عطا فرمائي. سينيٽ چيئرمين ان حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي ۽ لاڳاپيل ادارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي.