اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سنڌ جي اڳوڻي گورنر ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو سردار ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي جي اطلاع ملڻ تي ڏکويل آهي. وزيراعظم چيو ته سندس دعائون ۽ همدرديون مرحوم جي گهرڀاتين سان گڏ آهن.