اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنڌ جي اڳوڻي گورنر ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي. صدر مرحوم جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.