اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته 1260 ميگاواٽ جي پيداواري صلاحيت رکندڙ چائنا حب پاور پلانٽ تي آسماني بجلي ڪرڻ ۽ منگلا ڊيم مان گهٽ پاڻي خارج ٿيڻ جي ڪري مقامي گئس جو وڌيڪ 3.75 سيڪڙو پاور سيڪٽر جي پيڪ ڊيمانڊ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ رکيو ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته گئس جي اها فراهمي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ عارضي طور تي ڪئي وئي آهي ته جيئن بجلي جي طلب کي پورو ڪري سگهجي.