اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل جمعي ڏينهن مون تاريخي شهر بخارا جو دورو ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بخارا صدين تائين علم حاصل ڪرڻ جو مرڪز رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته 1220ع جي لڳ ڀڳ چنگيز خان جڏهن هن شهر کي فتح ڪيو ته هن بخارا ۾ تعيمر ڪيل مينار جي بلنديءَ ۽ فن تعمير کان متاثر ٿي ان کي ڪيرائڻ جو ارادو رد ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته مون نقشبنديه سلسلي جي باني جي مزار تي فاتحه خواني به ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مزار جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون.