اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ وڏي وزير ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته مرحوم جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن الله تعاليٰ کان مرحوم جي بخشش، گهرڀاتين کي ڏک ۽ صدمو برداشت ڪرڻ جي همت جي دعا پڻ ڪئي.