اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهرو وزير شيخ رشيد احمد کي هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ مقرر افغان سفير جي ڌيءَ جي اغوا ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. گهرو وزير شيخ رشيد احمد پنهنجي ٽوئيٽس ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اغوا ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته اسلام آباد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان واقعي جي حوالي سان جاچ کي اولين ترجيح ڏين ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ سان گڏوگڏ جوابدارن جي گرفتاري کي 48 ڪلاڪن ۾ يقيني بڻايو وڃي. گهرو وزير شيخ رشيد احمد وڌيڪ چيو ته ان واقعي جي حوالي سان ٺوس جاچ ۽ واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته اسلام آباد پوليس افغان سفير ۽ سندس گهرڀاتين سان مسلسل رابطي ۾ آهي.