باغ – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جو باغ ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم جڏهن شمسي اسٽيديم باغ ۾ هيلي پيڊ تي لٿو ته فضا عمران خان جي حق ۾ نعرن سان گونجي اٿي. وزيراعظم عمران خان سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، سينيٽر سيف الله نيازي پڻ هئا. جلسي ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد مودي جو جيڪو يار آهي غدار آهي جا نعرا لڳرايا، ڪشمير معاملن واري وزير علي امين گنڊاپور اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير پاران تقرير تي پابندي سبب مختصر تقرير ڪئي ۽ نعرا لڳرايا. هن چيو ته مون کي سوشل ميڊيا تان خبر پئي ته اليڪشن ڪميشن مٿس پابندي لڳائي ڇڏي آهي، اسان جي قائد عمران خان جو حڪم آهي ته ادارن جو احترام ڪريون، رستو اسان جو روڪيو ويو، پٿر اسان تي هنيا ويا، گوليون اسان تي هلايون ويون. جلسي کي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرجوش خطاب ڪيو. جلسي کي وچ باغ مان اميدوار تنوير الياس ۽ شرقي باغ مان اميدوار سردار مير اڪبر خان پڻ خطاب ڪيو. سيڪيوري جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا.