APP68-170721 BAGH AJK: July 17 - Prime Minister Imran Khan addressing a public gathering at Bagh Azad Jammu & Kashmir. APP

باغ – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جنهن ليڊر جو پئسو، ڪاروبار ۽ مفاد ٻاهرئين ملڪ هجن اهو ڪڏهن به جرئت جو مظاهرو نه ٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن منهنجو پئسو ۽ جائيدادون به ملڪ کان ٻاهر هجن ها ته آئون آمريڪا کي ڪڏهن به انڪار نه ڪري سگهان ها، ڀارت جي حڪومت آر ايس ايس جي نظريي تحت رڳو والاريل ڪشمير ۾ ظلم نه ڪري رهي آهي پر پوري ڀارت ۾ مسلمانن، عيسائين ۽ سکن سميت ٻين اقليتن تي ظلم ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جو رشتو ڪلمي طيبه جي بنياد تي قائم آهي، قوم هڪ نظريي تي ٺهندي آهي ۽ جنهن قوم ۾ قانون جي حڪمراني نه هجي اها ترقي نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن تحت صحت ڪارڊ، بنا وياج جي قرض ۽ فني تعليم جا قدم کنيا پيا وڃن، نئون پاڪستان اسڪيم تحت ڪمزور طبقن جي لاءِ گهرن جي تعمير جي لاءِ قرضن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. باغ آزاد ڪشمير ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جو رشتو ڪلمي طيبه جو رشتو آهي جيڪو هڪ پورو نظريو آهي، ان نظريي جو ذڪر توهان آڏو ان لاءِ ڪيو آهي ته قوم هڪ نظريي جي بنياد تي ئي ٺهندي آهي. هن چيو ته اسان جي آقا حضور ﷺ عربن جي قبيلن کي گڏ ڪري دنيا جي امامت ڪئي، جنهن جي پٺيان به اهو ئي نظريو هو. هن چيو ته مديني کي فلاحي رياست بڻائي رياست ۾ ڪمزور طبقن جي ذميواري پنهنجي مٿان کنئي جيڪو اڳ ۾ دنيا ۾ نه ٿيو هو، اسان به اها ئي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ڪيئن ٺهيو ۽ اسان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي آزادي ڇو ٿا چاهيون ڇو ته ان جو خواب علامه اقبال ڏٺو هو ۽ قائداعظم ڊگهي جدوجهد ڪئي هئي. هن چيو ته اسان به مديني جي رياست جي طرز تي ڪمزور طبقن جي بهتري ۽ ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون جنهن تحت پوري ملڪ ۾ هيلٿ ڪارڊز جي اسڪيم آڻي رهيا آهيون، خيبرپختونخواهه ۾ سڀني کي هيلٿ ڪارڊ ڏنو ويو آهي جڏهن ته هلندڙ سال جي آخر تائين پنجاب ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي به هيلٿ انشورنس ڏينداسين، جيڪا غريب خاندانن جي لاءِ هڪ وڏي نعمت هوندي ڇو ته جڏهن ڪو شخص بيمار ٿئي ٿو ته پورو خاندان غربت ۾ هليو وڃي ٿو، جيڪڏهن ان وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو ته اهو 10 لک رپين تائين مفت علاج ڪرائي سگهندو. هن چيو ته اها پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي شروعات آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم آڻي رهيا آهيون جنهن تحت بئنڪون سستا قرض ڏينديون ۽ هر مزدور، ملازم ۽ مڪينڪ قسطن تي ادائيگي ڪري پنهنجو گهر حاصل ڪندو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪامياب پاڪستان جو نئون پروگرام پڻ شروع ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ جي غريب طبقن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي هر خاندان جي هڪ شخص کي بنا وياج قرض ڏينداسين ته جيئن اهو پنهنجو ڪاروبار ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته اهو ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ان کانسواءِ هر خاندان مان هڪ شخص کي فني تعليم ڏني ويندي جنهن سان عورتون به گهرن ۾ ويهي پئسو ڪمائي سگهنديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مديني جي رياست جي طرز تي غريبن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان مختلف شهرن ۾ پناهگاهن جي سهولت ڏني ته جيئن مزدور طبقو بنا معاوضي رهائش ۽ کاڌو کائي پنهنجو پئسو گهر موڪلي سگهي. هن چيو ته جڏهن نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست جو بنياد رکيو ۽ مسلمانن پوري دنيا جي امامت ڪئي ان جو سبب انسانيت جي ڀلائي ئي هو. وزيراعظم چيو ته چين ۾ 30 سالن دوران 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي پنهنجو ملڪ سپر پاور بڻايو آهي. هن چيو ته انصاف کانسواءِ ڪا قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي ڇو ته ڪير به انصاف کان مٿانهون نه آهي ۽ جنهن قوم ۾ انصاف نه هجي ته اها قوم تباهه ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته حضرت علي رضه جو قول آهي ته ڪفر جو نظام ته هلي سگهي ٿو پر ظلم جو نه ڇو ته جتي انصاف نه هوندو اها قوم ترقي نه ڪري سگهندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪيرائڻ جا دعويدار چاهين ٿا ته انهن کي اين آر او ڏئي ڪرپشن معاف ڪئي وڃي ۽ اهي اشرافيه ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ جدا جدا قانون چاهين ٿا. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن ۾ جڏهن ڪير پڪڙيو وڃي ته اهو اين آر او جي ڳالهه ڪرڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته اتي سڀني جي لاءِ هڪ قانون آهي. هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ انصاف جو نظام ۽ قانون جي بالادستي هجي ته اهو ملڪ خوشحال ٿئي ٿو ۽ جتي انصاف جو نظام نه هجي ۽ قانون جي بالادستي نه هجي ته اتي سدائين غربت رهي ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪو به ملڪ وسيلن جي باوجود خوشحال نه ٿو ٿي سگهي جيستائين اتي قانون جي حڪمراني نه هجي. هن چيو ته ڪلمي طيبه اسان کي خودداري جو سبق ڏي ٿو ۽ هڪ عام ماڻهو کي وڏو انسان ۽ ڪمزور قوم کي عظيم قوم بڻائي ڇڏي ٿو اهو ئي سبب آهي جو مديني جي رياست ۾ به خوددار ماڻهو هئا جن ۾ خوف نه هو ۽ انهن تمام جلد اڌ دنيا تي حڪومت قائم ڪئي ائين ئي اسان به چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان امداد ۽ قرضن بدران پنهنجي پيرن تي بيهنداسين ڇو ته ڪا قوم هٿ ڦهلائي عظيم نه ٿي بڻجي سگهي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن جي آڏو هٿ نه ڦهلائيندو پر غريب ملڪن جي امداد ڪندو. والاريل ڪشمير جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته اسان کي والاريل ڪشمير جي پنهنجي ڀائرن تي فخر آهي، جيڪي ظلم آڏو بيٺل آهن ۽ خودداري جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، برهان واني جهڙن خوددار نوجوانن قربانيون ڏنيون آهن جن جو رڳو پاڪستان ئي نه پر پوري دنيا ۾ قدر ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري ڀائرن جو صبر، طاقت ۽ جذبي سان ظلم آڏو بيهڻ تي فخر ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جڏهن 5 آگسٽ تي ڪشمير تي جڏهن وڌيڪ ظلم شروع ڪيا ته ڪير به نه سمجهندو هو ته ڪشميري اهو برداشت ڪندا پر انهن پنهنجي جذبي ۽ ايمان سان پنهنجي جدوجهد جاري رکي آهي جنهن تي اسان سڀ انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا، خدا هر مشڪل کانپوءِ آسانيون پيدا ڪري ٿو، انشاءَ الله ڪشميرين جو به سٺو وقت ويجهو آهي. هن چيو ته آئون پوري دنيا ۾ توهان جو سفير بڻجي آواز اٿاريندس. آر ايس ايس جي نظريي بابت وزيراعظم چيو ته ڀارت رڳو ڪشمير ۾ ئي نه پر ڀارت ۾ مسلمانن، عيسائين ۽ سکن سميت ٻين اقليتن تي به ظلم ڪري رهيو آهي، اسان هر فورم تي ان جي لاءِ آواز اٿارينداسين. وزيراعظم چيو ته جنهن پارٽي جي سربراهه جو پئسو ۽ جائيداد ملڪ کان ٻاهر هجي ته اهو جرئت سان بيهي نه ٿو سگهي، جيڪڏهن منهنجو پئسو ۽ جائيداد به ملڪ کان ٻاهر هجي ها ته آئون به آمريڪا کي Absolutely Not نه چئي سگهان ها. هن چيو ته منهنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ۽ والاريل ڪشمير جا نوجوان جنهن بهادري سان ظلم جو مقابلو ڪري رهيا آهن، اهي ڪڏهن به ڪنهن ڊڄڻي ۽ ڪوڙي شخص کي پنهنجو ليڊر تسليم نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم پنهنجي خطاب جي آخر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارن جا نالا کڻي جلسي جي شرڪت ڪندڙن کي چيو ته 25 تاريخ تي بيٽ تي ٺپو هڻي تبديلي جو ثبوت ڏيو.