اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي ۾ رحم جو عنصر ۽ دردمندي کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي جنهن جي ڪري ڪورونا وائرس جي عالمي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان کي بي مثال ڪاميابي ملي، ڪفايت شعاري جي حوالي سان ماڻهن جي لاءِ روين ۾ تبديلين جي رخ جو تعين ڪيو، بدعنواني جي خلاف قدمن، ڪفايت شعاري ۽ تيز فهم تصورات (سمارٽ ٿينڪنگ) اهڙا نقطا آهن جنهن مان پاڪستان گذري رهيو آهي، پاڪستان ماضي مان سبق سکيو آهي، ڪشمير جو مسئلو هندستان جي ورڇ جي اصولن جي قطعي خلاف هو، پاڪستان ماضي جي انهن غلط فيصلن کان متاثر ٿيو، ايندڙ ڏهاڪي ۾ پاڪستان اقتصادي خوشحالي ۽ جيو اڪنامڪ مرڪز جي حيثيت سان دنيا جي مضبوط ترين ملڪن ۾ شامل ٿيندو. پاڪستان جي مستقبل بابت اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ کي پنهنجي خيالن ۽ ويزن جي حوالي سان انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي شعبن ۾ نمايان تبديلين مان گذري رهيو آهي، مثال طور پاڪستان بدعنواني کان متاثر ٿيو آهي، دنيا جي جن ملڪن ۾ جيڪڏهن اعليٰ سطح تي بدعنواني هجي ته اهي پنهنجي دولت ۽ وسيلا مختلف صورتن ۾ وڃائي ڇڏين ٿا، مثال طور ماضي ۾ مختلف ملڪن ۾ بدعنواني سان حاصل ڪيل دولت کي سوئيٽزرلينڊ ۽ ٻين عالمي بئنڪن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، پاڪستان ان دور کان ٻاهر اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، حڪومت ۽ پاڻ وزيراعظم عمران خان بچت ۽ ڪفايت شعاري جا قدم متعارف ڪرايا جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ان تي اعتراض ڪن ٿا ته اهي تمام ننڍا قدم آهن ۽ انهن سان وڌيڪ بچت نه ٿي ٿئي جڏهن ته اها ڳالهه اهميت رکندڙ آهي ته ڪفايت شعاري جي حوالي سان ماڻهن جي لاءِ روين ۾ تبديلين جي رخ جو تعين ڪيو ويو ڇو ته اسان سڄي دنيا کان قرض وٺي رهيا آهيون ۽ جيستائين اعليٰ سطح تي اسان پنهنجا خرچ گهٽ نه ڪنداسين ته اسان دنيا کي غربت جي خاتمي، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ قرض ۽ مالي معاونت جي لاءِ ڪيئن چئي سگهون ٿا. صدر چيو ته بدعنواني جي خلاف قدمن، ڪفايت شعاري ۽ تيز فهم تصورات (سمارٽ ٿينڪنگ) اهڙا نقطا آهن جن مان پاڪستان گذري رهيو آهي. صدر ڪوويڊ 19 جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت جي پاليسي کي ساراهيو ۽ چيو ته اسان وٽ وسيلا گهٽ هئا پر جڏهن دنيا ۽ طبي ماهر مڪمل لاڪ ڊائون تي اصرار ڪري رهيا هئا ته ان وقت وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ پهريون شخص هو جنهن چيو ته اسان مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪنداسين ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ غريبن جو وڏو انگ آهي جيڪو مڪمل لاڪ ڊائون کان متاثر ٿيندو. ان فيصلي ۾ رحم جو عنصر ۽ دردمندي کي مرڪزي حيثيثيت حاصل هئي، حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي، وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ ان جي تدارڪ ۾ عوام، عالم سڳورن، مذهبي اسڪالرن ۽ ميڊيا کي شامل ڪيو ويو ۽ الله جي فضل ڪرم سان پاڪستان کي بي مثال ڪاميابيون مليون. صدر جديد ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جي مستقبل جي حوالي سان مصنوعي ذهانت ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي وڏي اهميت رکي ٿي ڇو ته چوٿون صنعتي انقلاب تيزي سان اچي رهيو آهي. ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا مان جيڪو تجربو حاصل ٿيو آهي اهو اهو آهي ته شيون تيزي سان ظاهر ٿي سگهن ٿيون. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ منهنجي خواهش آهي ته ان عمل کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ ۾ اسان جا نوجوان ۽ ادارا پنهنجو فعال ۽ موثر ڪردار ادا ڪن. جاپان جي وزيراعظم جي حلف برداري جي تقريب ۾ جاپان جي وزيراعظم بيان ڏنو ته جيڪڏهن توهان وٽ هڪ سئو هزار سافٽ ويئر ماهر آهن ته اسان انهن کي روزگار ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. صدر چيو ته هن وقت پاڪستان پنهنجي اعليٰ مهارت رکندڙ ماهرن جي خدمتن جي برآمد جي سوچ نه ٿو رکي، 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪن ۾ اسان پنهنجي بهترين ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ ماهرن جون خدمتون ٻاهرئين ملڪ برآمد ڪيون ان جي نتيجي ۾ اسان پنهنجي انهن ماهرن کي وڃائي ڇڏيو. آئون سمجهان ٿو ته اسان جو ٽيلينٽ ۽ اسان جا ماهر پاڪستان جي مفادن جي لاءِ اڳ ۾ پنهنجي ۽ بعد ۾ ٻين ملڪن جي لاءِ ڪم ڪن، انهي سان پاڪستان جو مستقبل واڳيل آهي. ان جو هڪ طريقو اهو به آهي ته جيڪي ماهر اسان تيار ڪريون اهي ٻاهر وڃڻ بدران هتي ويهي ٻاهرئين ملڪ ڪم ڪن ۽ ملڪ جي لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائين. منهنجو يقين آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان جو مستقبل انتهائي شاندار آهي. مستقبل ۾ سلامتي جو دارومدار سائبر سيڪيورٽي تي هوندو، پاڪستان جي سلامتي ۽ دفاع جو دارومدار به جديد ترين ٽيڪنالاجي ۾ مهارت جي شعبن ۾ تي هوندو. صدر چيو ته ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلين جي لاءِ حڪومت جا قدم ساراهه جوڳا آهن، وزيراعظم عمران خان وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ به ماحوليات جي لاءِ قدم کنيا، خيبرپختونخواهه جي حڪومت بلين ٽرين سونامي ۽ موجوده حڪومت 10 بلين ٽري سونامي جهڙا منصوبا شروع ڪيا جيڪي ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان اهميت رکندڙ آهن. هن چيو ته حڪومت ماکيءَ جي مکين ۽ ان سان واڳيل ڪاروبار جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. پاڻي جي بچت به اهميت وارو معاملو آهي. ان کي قومي ۽ انفرادي سطح تي ڏسڻو پوندو. آبادي جو انتظام ۽ انصرام به اهميت رکندڙ معاملو آهي، وزيراعظم مون کي پاپوليشن ٽاسڪ فورس جي سربراهي به ڏني آهي. ماءُ ۽ ٻار جي صحت، نئين ڄاول ٻارن ۾ موت جي شرح جي گهٽتائي، خوراڪ ۽ اسٽنڊ گروٿ جهڙن مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ٻارن ۾ خوراڪ ۾ بهتري جي لاءِ ماءُ جي کير جي اهميت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. انهن سمورن شعبن ۾ اسان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي جڏهن ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ان حوالي سان رڳو ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن پر عملي قدمن جو سلسلو به جاري آهي. صدر چيو ته پاڪستان ماضي مان سبق سکيو آهي، ڪشمير جو مسئلو پاڪستان تي مڙهيو ويو آهي، اهو هندستان جي ورڇ جي اصولن جي قطعي خلاف هو، پاڪستان ماضي جي انهن غلط فيصلن کان متاثر ٿيو، پاڪستان 50ع جي ڏهاڪي ۾ ٻي عظيم جنگ جي تباهين کانپوءِ ٺهندڙ گڏيل قومن جي قراردادن تي اعتماد ڪيو، پاڪستان تي جيو اسٽريٽجڪ صورتحال مڙهي وئي هئي، اسان جو هڪ مٿي ڦريل پاڙيسري آهي، اسان جي پاڙي ۾ ۽ والاريل ڪشمير ۾ 7 ڏهاڪن کان مسلسل ڏاڍ ۽ ظلم جو سلسلو جاري آهي، ڀارت جڏهن 1974ع ۾ ائٽمي ڌماڪو ڪيو ته دنيا ان کي نظرانداز ڪيو، دنيا ڀارت ۾ يورينيئم جي وڪري جي ٻن واقعن کي به نظرانداز ڪري رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع جي لاءِ قدم کڻي ٿو، جڏهن بالاڪوٽ تي ڀارت جارحيت ڪئي ته اسان پنهنجو دفاع ڪيو، اسان گرفتار ڀارتي پائليٽ کي واپس ڪيو ته جيئن دنيا کي ڏيکاري سگهون ته اسان جارحيت پسند ملڪ نه آهيون پر پنهنجو دفاع ڪري رهيا آهيون. صدر چيو ته عالمي ميڊيا به خطي جا اصل ايشوز ۽ حقيقتون نه ڏيکاري رهي آهي پر ان جي بدران اسٽريو ٽائپ طرز عمل جو مظاهرو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. صدر چيو ته مڙهيل سيڪيورٽي صورتحال جي ڪري پاڪستان متاثر ٿي رهيو آهي، ماضي ۾ افغانستان تي سوويت يونين جي حملي ۽ ان جي خلاف جهاد، اسامه بن لادن جي افغانستان ۾ موجودگي ۽ بعد ۾ آمريڪي فوج جي اچڻ سان هڪ اهڙي صورتحال پيدا ٿي جو پاڪستان ۾ 35 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير اچي ويا جنهن جا پاڪستان تي تمام وڏا سماجي ۽ اقتصادي اثر پيا، ملڪ ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر متعارف ٿيو، ٽن ڏهاڪن کان پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اها اسان جي ملڪ ۽ اسان جي ماڻهن جي عظمت آهي جو ڪنهن انهن پناهگيرن جي موجودگي تي اعتراض ناهي ڪيو ۽ ڪنهن اهو نه چيو ته انهن کي زبردستي واپس موڪلڻ گهرجي. اڄ اهي سمورا ماڻهو ۽ ملڪ جيڪي موقعو ملڻ تي اسان کي انساني حقن جو درس ڏيندا هئا ڪو به پناهگيرن کي وٺڻ ۽ رکڻ جي لاءِ تيار نه آهي. بحيره روم ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهو مري رهيا آهن پر ڪو به ملڪ انهن پناهگيرن کي رکڻ جي لاءِ تيار نه آهي. صدر چيو ته قومون وسيلن سان نه پر ذهانت، تيز فڪري ۽ ڪردار جي قوت سان اڀرنديون آهن، پاڪستان پناهگيرن جي حوالي سان مثالي طرزعمل جو مظاهرو ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪيترائي معجزا ڪري ڏيکاريا آهن، ڪنهن ملڪ دهشتگردي کي شڪست نه ڏني آهي، پاڪستان دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي ۽ ان ۾ پنهنجي 70 هزار کان وڌيڪ شهرين ۽ هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ نوجوانن جي قربانين کانسواءِ 130 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو مالي نقصان پڻ برداشت ڪيو. پاڪستان جي اولهندي سرحد کان وٺي ليبيا تائين ڪيترائي ملڪ ائين نه ڪري سگهيا جڏهن ته پاڪستان ائين ممڪن ڪري ڏيکاريو. صدر چيو ته چوٿين صنعتي انقلاب جي گهرجن موجب قدم کڻڻ سان پاڪستان تيز ترقي طرف وڌي سگهي ٿو. انشاءَ الله ايندڙ ڏهاڪي ۾ پاڪستان اقتصادي خوشحالي ۽ جيو اڪنامڪ مرڪز جي حيثيت سان دنيا جي مضبوط ترين ملڪن ۾ شامل هوندو.