APP16-170721 FAISALABAD: July 17 - Minister of State for Information and Broadcasting Farrukh Habib addressing a press conference at Circuit House. APP photo by Tasawar Abbas

فيصل آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر واضح طور تي نظر ايندڙ شڪست کان بوکلائجي آزاد ڪشمير جي پنهنجي چونڊ مهم ۾ ڪشمير جي سودي جو الزام هڻي بي بنياد پروپئگنڊه ڪري رهي آهي پر عوام ڄاڻي ٿي ته دنيا جي هر پليٽ فارم سميت انٽرنيشنل ميڊيا تي جيڪڏهن ڪنهن دليراڻي طور تي ڪشمير جي سچي وڪيل ۽ دلير سفير هجڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ته اهو وزيراعظم عمران خان ئي آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ مخالف ڌر وارا ڪشمير جي چونڊ مهم م مودي جو نالو ڇو نه ٿا وٺن، جيڪڏهن مريم نواز جي رڳن ۾ ڪشمير جو رت هجي ها ته مودي انهن جي گهر نه اچي ها ۽ جيڪڏهن کيس ڪشمير جي ڌيءَ بڻجڻ جو شوق آهي ته ساڙهين ۽ انبن جا تحفا وسري وڃي، موصوفه ڀارت پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ جاري ظلمن جي مذمت ڇو نه ٿي ڪري، جنهن کي ڪوڙ جا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن ۽ هوءَ جنهن وٽ وڃي ٿي ان جي ڌيءَ بڻجن جو ڊرامو ڪري ٿي جڏهن ته هاڻي سندس اهو ناٽڪ ڪامياب نه ٿيندو، ان کانسواءِ عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حڪومت ٽيڪس ليوي زيرو ڪرڻ سميت سيلز ٽيڪس ۾ ڪو اضافو نه ڪيو، حڪومت هلندڙ مهيني جي آخر ۾ عام ماڻهو جي لاءِ وڏي ريليف ۽ سهولتن واري پئڪيج جو اعلان پڻ ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن سان لکين ماڻهو فائدو کڻي سگهندا. سرڪٽ هائوس فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مخالف ڌر پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي پاڻمرادو اضافو قرار ڏيندي چيو ويو ته پيٽروليم ليوي وڌائڻ سميت سيلز ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو آهي پر اسان چئلينج ڪريون ٿا ته نه رڳو پيٽروليم ليوي زيرو رکي وئي آهي پر سيلز ٽيڪس ۾ به اضافو ناهي ڪيو ويو ۽ اوگرا پاران 11 رپيا في ليٽر اضافي جي ابتڙ 50 سيڪڙو کان به گهٽ قيمت وڌائي وئي آهي ڇو ته عالمي سطح تي پيٽرول جي قيمت جيڪا 34 ڊالر في بيرل هئي اها هاڻي 70 کان 75 ڊالر في بيرل تي ٽريڊ ٿي رهي آهي. هن چيو ته (ن) ليگ اسحاق ڊار جو زمانو ياد ڪري جڏهن پيٽرول جي عالمي منڊي ۾ قيمت جو سمورو بار عوام تي وڌو ويندو هو جڏهن ته حڪومت ليوي کي گهٽ ڪندي پئي وڃي جيڪا هاڻي زيرو تي اچي وئي آهي. هن چيو ته سيلز ٽيڪس به 16 مان گهٽ ڪري 11 رپيا ڪيو ويو آهي جڏهن ته اڳ ۾ ڪڏهن ائين نه ٿيندو هو. هن چيو ته هو مريم صفدر کان پڇڻ چاهي ٿو ته سرٽيفائيڊ ڪوڙي هجڻ ۽ اهو چوڻ ته لنڊن ته ڇا سندس پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، پوءِ هن ڪيلبري فونٽ متعارف ڪرايو پوءِ نواز شريف جي هڪ تصوير فوٽو شاپ ذريعي جعلسازي سان تيار ڪري اڳ ۾ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي ۽ بعد ۾ ان کي غائب ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح هو جڏهن لاڙڪاڻي وڃي ٿي ته پاڻ کي ڀٽو ۽ زرداري جي ڌيءَ قرار ڏي ٿي جڏهن ٻئي هنڌ وڃي ٿي ته اتان جي ڌيءَ بڻجي وڃي ٿي ۽ هاڻي سندس پيٽ ۾ ڪشمير جي ڌيءَ بڻجڻ جو سُور اٿي رهيو آهي پر جڏهن هو ڪشمير جي ڪنهن چونڊ جلسي کي خطاب ڪري ٿي ته ان هڪ تقرير ۾ عمران فوبيا جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ 25 ڀيرا عمران خان جو نالو وٺي ٿي پر هڪ ڀيرو به مودي جو نالو نه ٿو ورتو وڃي ۽ نه ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته ڪشمير جو اسٽيٽس ختم ڪرڻ جي اڄ تائين مريم صفدر پاران مذمت نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ 80 لک کان وڌيڪ ڪشميرين کي ڪرفيو هڻي پابند ڪرڻ ۽ روزانو ڪيترن ئي بيگناهه ڪشميري نوجوانن جي شهادتن تي هن ڪو احتجاج ڪيو. هن چيو ته مريم صفدر حريت اڳواڻن کي گرفتار ۽ بنا جواز جي نظربند ڪرڻ جي خلاف آواز ڇو نه ٿي اٿاري ۽ سندس زبان مان آر ايس ايس جو نالو ڇو نه ٿو نڪري. فرخ حبيب چيو ته جڏهن نواز شريف ڀارت جي دوري تي ويو ته هن حريت اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ به گوارا نه سمجهيو، اهڙي طرح اوفا ڊڪليئريشن ۾ ٻنهي وزيراعظمن جي سطح تي ٿيندڙ ملاقات جي پڌرنامي ۾ نواز شريف ڪشمير جو ذڪر تائين نه ڪيو جيتوڻيڪ شملا معاهدو هجي، نيويارڪ يا لاهور معاهدو انهن ۾ هر جڳهه تي نه رڳو ڪشمير جو ذڪر ٿيندو هو پر ڌر طور ڪشميري حريت اڳواڻن جي مشاورت به شامل ڪئي ويندي هئي پر نواز شريف پنهنجي دور ۾ ائين نه ڪيو. هن چيو ته هندوتوا جي نالي تائين به مريم صفدر جي زبان تي نه ٿو اچي پوءِ به هو پاڻ کي ڪشمير جي ڌيءَ چوي ٿي جنهن تي کيس شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان ڪڏهن حريت اڳواڻن سان ملڻ کان انڪار نه ڪيو پر گذريل ڏينهن هڪ ڀارتي ٽي وي چينل تي جڏهن پلانٽيڊ سوال ڪيو ويو ته عمران خان واضح طور تي چيو ته آر ايس ايس جي آئيڊيالاجي ٻنهي ملڪن جي معاملن کي بهتري طرف وٺي وڃڻ ۾ رڪاوٽ آهي ڇو ته مودي تي هندوتوا جي سوچ غالب آهي ۽ هو چاهي ٿو ته اقليتن جي لاءِ ڪا جڳهه نه هجي تنهن ڪري مودي کي اها انتهاپسنداڻي سوچ ختم ڪرڻي پوندي ڇو ته جيستائين مودي آر ايس ايس جي پاليسي کي فالو ڪندو رهندو ان وقت تائين ڪشمير مسئلو حل نه ٿيندو ۽ نه ئي پاڪ ڀارت لاڳاپا معمول تي ايندا. فرخ حبيب چيو ته گذريل 75 سالن کان ڪشمير جو مسئلو حل طلب آهي جڏهن ته پهريون ڀيرو وزيراعظم عمران خان ڪشمير جي سچي وڪيل ۽ دلير سفير هجڻ جو ڪردارادا ڪندي او آءِ سي سميت دنيا جي هر پليٽ فارم تي نه رڳو ڪشمير مسئلو اجاگر ڪيو پر واضح موقف اختيار ڪيو ته جيستائين 5 آگسٽ جي قدمن تان ڀارت پٺتي نه ٿو هٽي، اسان ان سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪنداسين. هن چيو ته مريم صفدر کي گهرجي ته هو ابو بچائو مهم ۽ اين آر او جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻ بدران ڪشميرين تي مودي جي ظلمن جي خلاف يڪجهتي جو اظهار ڪري. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ڪشمير ۾ گلوڪريسي تي لهي آئي آهي ڇو ته پنهنجي گذريل 5 سالن جي اقتدار جي دور ۾ انهن ڪشمير جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو پر نواز شريف جيڪو ٻاهر ويهي ”مون کي ڇو ڪڍيو“ جو راڳ آلاپي رهيو آهي اهو ڄاڻي وٺي ته کيس سندس ڪرتوتن ڪڍيو. هن چيو ته شريف خاندان اهو واحد ڀڳوڙو خاندان آهي جيڪو پوري جو پورو اشتهاري ۽ لنڊن ۾ مفرور آهي. هن چيو ته عمران خان قوم جي ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ جي پاليسي تي گامزن آهي، جن معيشت کي ٺيڪ ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي انهن جو ڌيان اداراجاتي سڌارن طرف آهي، تنهن ڪري عوام مريم صفدر جي فريب ۾ نه ايندي ۽ 25 جولاءِ تي ڪشمير ۾ به پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف ۽ مريم صفدر جي وچ ۾ اختلاف ڪنهن کان لڪل نه آهن ۽ چاچي ڀائيٽي جي ويڙهه اپوزيشن ليڊر بڻجڻ جي لاءِ آهي ڇو ته هاڻي انهن کي عوام ۾ پذيرائي نه ملي رهي آهي ۽ هڪڙو پير پڪڙڻ جڏهن ته ٻي مزاحمت جي پاليسي اختيار ڪري رکي آهي جيڪي سدائين اين آر او ڳولين ٿا پر انهن کي پرويز مشرف جي طرز جو اين آر او نه ملندو ۽ انهن جي اپوزيشن جي ويڙهه جاتي امرا ۾ ئي هلندي رهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته علي امين گنڊاپور ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ۾ جيڪو چيو اهو پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ڪرڻ جي سياق سباق ۾ هو، ڇو ته جيڪڏهن ان وقت هڪ ٻئي جي مينڊيٽ جو خيال ڪيو وڃي ها ته ملڪ ٻه ٽڪرا نه ٿئي ها، پر پوءِ به هر شخص جو پنهنجو طريقو ۽ اظهار خيال جو انداز آهي، جيڪا ان جي ذاتي سوچ هوندي آهي، پر بطور حڪومت اسان ڪنهن کي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي لاءِ ناهيون ويٺا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت کي عوام جي مسئلن جي چڱي ريت خبر آهي ۽ اها هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن سان 40 کان 60 لک خاندانن کي فائدو پهچندو ۽ ان ڏس ۾ 1600 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي، جنهن جي اي سي سي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان پروگرام ۾ ماڻهن کي ڪاروبار جي لاءِ 5 لک رپين تائين بنا وياج جي قرض ۽ بي گهر ماڻهن کي ذاتي گهر ٺاهڻ جي لاءِ ڪنهن مارڪ اپ کانسواءِ 20 لک رپين تائين جي رقم ڏني ويندي ان سان گڏوگڏ ماڻهن کي هنر فراهم ڪيو ويندو ۽ آبادگارن کي ٽريڪٽرز ۽ زرعي مشينري سميت ڀاڻ، ٻج، زرعي دوائن وغيره جي مد ۾ پڻ قرض ڏنا ويندا، جن تي ڪو وياج نه هوندو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته اهي سمورا قرض نج ميرٽ جي بنياد تي حقدارن کي ڏنا ويندا ۽ ان ۾ ڪنهن جي پسند ناپسند جو عمل دخل نه هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ 4000 يوٽيلٽي اسٽورز ۽ 900 يوٽيلٽي فرنچائز ڪم ڪري رهيون آهن جن کي گذريل هڪ سال ۾ 25 ارب رپيا ۽ جنوري 2020ع کان 30 جون 2021ع تائين 30 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي. هن چيو ته سبسڊي جو طريقيڪار اهو هو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي جيڪي شيون عوام کي فراهم ڪيون وينديون اهي مارڪيٽ کان 15 کان 20 سيڪڙو تائين سستيون هونديون، پر هاڻي جيئن ته داليون ۽ ڪوڪنگ آئل وغيره ٻاهرئين ملڪن مان درآمد ڪرڻو پوي ٿو تنهن ڪري ڪجهه شين جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو تائين فرق اچي ويو هو جنهن کي پاليسي موجب 15 کان 20 سيڪڙو تائين آندو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت قيمتن کي ريشنلائيز ڪرڻ جي لاءِ اڃا به يوٽيلٽي اسٽورز کي ماهوار 2 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي پر ان کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هاڻي ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو نظام آندو پيو وڃي ڇو ته سبسڊي غريب ماڻهن جي لاءِ هوندي آهي پر سرندي وارا ۽ امير ماڻهو به يوٽيلٽي اسٽورز تان خريداري ڪن ٿا جنهن سان غريب ماڻهن جو حق ماريو وڃي ٿو ۽ حڪومت تي به اضافي بار پوي ٿو پر هاڻي حڪومت اين آر اي سي ذريعي يوٽيلٽي اسٽورز جو سمورو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري رهي آهي جنهن تحت غريب ماڻهن کي خصوصي ڪارڊز ڏنا ويندا جنهن سان انهن کي يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي شين جي خريداري ۾ آساني ٿيندي. فرخ حبيب چيو ته شماريات واري اداري جي رپورٽ موجب 7، 8 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي به ٿي آهي پر هاڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت جو سمورو فوڪس فوڊ سيڪيورٽي تي آهي ته جيئن اسان کي ٻاهران داليون ۽ ڪوڪنگ آئل وغيره درآمد نه ڪرڻو پوي ۽ اسان پنهنجي ملڪي ضرورتون هتان ئي پوريون ڪيون جنهن جي لاءِ وسيع پئماني تي زيتون جا وڻ لڳايا پيا وڃن ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي لاءِ به قدم جاري آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فيصل آباد ۾ مون سون جي برساتن جي ڪري پاڻي جمع ٿيڻ جي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ 4 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو ويو آهي. آخر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فرخ حبيب اميد ظاهر ڪئي ته ڪشميري عوام مريم صفدر ۽ مخالف ڌر جي بهڪاوي ۾ نه ايندي ۽ وزيراعظم عمران خان جي ڪشمير جي لاءِ ڪوششن جي اعتراف ۾ پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏئي ڪامياب بڻايو ويندو ڇو ته جيڪڏهن ڪير ڪشمير مسئلو حل ڪرائي سگهي ٿو ته اهو رڳو عمران خان ئي آهي.