تاشقند – 15 جولاءِ (اي پي پي) ازبڪستان ۾ پاڪستان جي سفير سيد علي حسن گيلاني چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ازبڪستان جو دورو اهميت رکندڙ آهي، ازبڪستان وچ ايشيا جي ٻي وڏي معيشت آهي، ازبڪستان پاڪستان جي بندرگاهن ذريعي دنيا تائين پهچ چاهي ٿو، خطي ۾ ٻنهي ملڪن جو اهم ڪردار آهي، دوري دوران مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون. وزيراعظم جي ازبڪستان جي دوري بابت هڪ وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي تاشقند اچي رهيو آهي. هو ثمرقند ۽ بخارا پڻ ويندو. اهو هڪ انتهائي اهميت وارو دورو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ سطح تي مضبوط بڻايو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم جي ازبڪستان ۾ اهم ملاقات ٿيندي جنهن ۾ سياست، ثقافت، معيشت، دفاع، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان موقعي تي مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي پڻ صحيحون ٿينديون ۽ هڪ گڏيل بيان پڌرنامي تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي مستقبل جي لاڳاپن جو احاطو ڪيو ويندو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ ازبڪستان ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ واضح مثبت تبديلي آئي آهي. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي تمام ويجهو آيا آهن. ازبڪستان پاڪستان جي بندرگاهن ذريعي دنيا تائين پهچ چاهي ٿو ۽ پاڪستان ازبڪستان ذريعي وچ ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن تائين پنهنجي برآمدات کي وڌائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته هتي ڪل ٻه اهم ملاقاتون ٿيون جن ۾ هڪ بين الحڪومتي ڪميشن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي ملاقات آهي ان لاءِ 150 ڪاروباري شخصيتون تاشقند پهچي ويون آهن ۽ لکين ڊالرز جا معاهدا ٿيا آهن. هن چيو ته خطي ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جو اهم ڪردار آهي. خطي ۾ جيڪو ماحول آهي ان تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. هن چيو تهپ اڪستان جي وچ ايشيا جي سمورن ملڪن سان لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن، خاص طور تي ازبڪستان کي وچ ايشيا ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي ۽ هي وچ ايشيا جي ٻي وڏي معيشت آهي. ته ان جي ڪري پاڪستان ۽ ازبڪستان جا لاڳاپا هڪ وڏي اهميت رکندڙ آهن. پاڪستان جا ازبڪستان سان لاڳاپا وڌندا، ازبڪستان جا اهڙي طرح جا لاڳاپا رڳو 6 ملڪن سان آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي اهي ۽ گذريل 7، 8 مهينن ۾ وڏي تبديلي آئي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جا لاڳاپا بهتري طرف ويندا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو وڏي شدت سان انتظار ڪيو پيو وڃي ۽ ازبڪستان ۾ وزيراعظم جتي به ويندو اتي پاڪستان جا جهنڊا ڦڙڪي رهيا اهن ۽ سمورين اهم جاين تي ايل اي ڊيز ذريعي پاڪستان بابت دستاويزي فلمون هلايون پيون وڃن. هن چيو ته ازبڪ عوام وزيراعظم جي ان دوري کي وڏي اهميت ڏئي رهي آهي ۽ هتي وزيراعظم جي شاندار آجيان ڪئي ويندي.