APP49-150721 TASHKENT: July 15 - Prime Minister of Uzbekistan, Abdulla Aripov receiving Prime Minister Imran Khan on his arrival at airport. APP

تاشقند – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي تاشقند پهچي ويو. ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله آريپوف تاشقند ايئرپورٽ تي سندس آجيان ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي، وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ عاطف خان پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ واپار، معيشت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم جو ازبڪستان جو دورو علائقائي ٻطرفي واپار، علائقائي رابطن ۽ سيڪيورٽي جي ڏس ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفادن جي مختلف اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون. انهن ۾ مصنوعات جي چرپر، ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تعاون، واپار، تعليم، ثقافت ۽ سياحت جهڙا شعبا شامل آهن.