اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي ازبڪستان روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي، وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ عاطف خان پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم جو ازبڪستان جو دورو علائقائي ٻطرفي واپار، علائقائي رابطن ۽ سيڪيورٽي جي ڏس ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفادن جي مختلف اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي يادشتن تي صحيحون ٿينديون. انهن ۾ مصنوعات جي چرپر، ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تعاون، واپار، تعليم، ثقافت ۽ سياحت جهڙا شعبا شامل آهن.