
اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پارليامينٽ ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ آٽوميشن جو عمل جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن سان ٻنهي ايوانن ۾ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ کي سائبر صلاحيتن سان ليس ڪرڻ جي منصوبي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير امين الحق، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، سينيٽ سيڪريٽريٽ جي سيڪريٽري محمد قاسم صمد خان، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي سيڪريٽري طاهر حسين، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي ميمبرن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آفيسرن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي پارليامينٽ ۾ منصوبابندي، نگراني ۽ ڪنٽرول جي عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي، پارليامينٽ ميمبرن کي آءِ ٽي جي جديد ترين لوازمات سان ڊيٽا ۽ فائيلن تائين آسان پهچ ملندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت پاران اجلاس کي منصوبي جي موجوده صورتحال ۽ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڊپارٽمينٽل ڊيولپمينٽ ورڪنگ پارٽي منصوبي جي لاءِ چار سالن جي لاءِ 1950 ملين رپين جي منظوري ڏني آهي. هلندڙ سال منصوبي جي لاءِ 120 ملين رپيا رکيا ويا آهن، پراجيڪٽ اسٽاف حاصل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو جنهن جي لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويا، انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت منصوبو 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. صدر منصوبي تي انفارميشن ٽيڪانلاجي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.