
اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صوبن تي زور ڏنو آهي ته انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو حصو وجهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ خاص طور تي ان عمل جي لاءِ وفاق پاران فراهم ڪيل فنڊز جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انضمام ٿيل علائقن ۾ جاري ترقياتي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انضمام ٿيل علائقن جي آبادي ملڪي آبادي جو اٽڪل 2.4 سيڪڙو آهي جنهن جي حساب سان اين ايف سي ايوارڊ ۾ انضمام ٿيل علائقن جو حصو اٽڪل 80 ارب رپيا بڻجي ٿو جڏهن ته وفاق پاران هن وقت 4 سيڪڙو جي حساب سان ادائيگيون ڪيون پيون وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انضمام کان اڳ 84 ارب ادا ڪيا پئي ويا جڏهن ته انضمام کانپوءِ 146 ارب ادائيگيون ڪيون پيون وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مالي سال 22 – 2021ع جي بجيٽ ۾ انضمام ٿيل علائقن جي مد ۾ خيبرپختونخواهه صوبي جي لاءِ اٽڪل 130 ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ وفاق پاران اڳوڻن قبائلي علائقن جي عوام سان ڪيل واعدن کي مڪمل طور تي پورو ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو ته انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته انضمام ٿيل علائقن جي عوام ملڪ جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن جن جي اسان انتهائي قدر ڪريون ٿا. وزيراعظم صوبن تي زور ڏنو ته انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ڪيل واعدن کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان صوبا پنهنجو حصو وجهن ته جيئن تعمير ۽ ترقي جي عمل کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي.