APP94-140721 ISLAMABAD: July 14 - Prime Minister Imran Khan chairs a review meeting on Ravi Urban Development Authority and Lahore Central Business District. APP

اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جا وڏا ترقياتي منصوبا لاهور شهر تي آبادي جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد سان گڏوگڏ شهرين کي عالمي معيار جي سهولتن سان ليس رهائش فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي سٽي ۽ لاهور سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، غلام سرور خان، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ پنجاب جي هائوس واري صوبائي وزير ميان محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي وڏي وزير خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، راوي سٽي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي سي اي او عمران امين ۽ لاڳاپيل آفيسرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي راوي سٽي منصوبي تي اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته منصوبي ۾ ماحولياتي تحفظ جي جي خصوصي ترجيح تهت جهوڪ، رک منير ۽ رک شهيد ۾ ٻيلا پوکيا ويندا، 30 هزار ڪينال جي زمين تي ٻڌل ان اربن فاريسٽ سان نه رڳو معدوميت جي خطري ۾ ورتل جنگي جيوت کي تحفظ جي فراهمي ۾ مدد ملندي پر بائيو ڊائيورسٽي جي نظريي تي قائم اهي ٻيلا وائلڊ لائيف سينڪچريز جو ڪردار ادا ڪندا. ان کانسواءِ 100 ايڪڙ زمين تي ٻڌل ناليج پارڪ پڻ قائم ڪيو پيو وڃي جتي جديد طرز تي يونيورسٽين جا ڪئمپس ٺاهيا ويندا جنهن سان نه رڳو اهو پارڪ علم ۽ تحقيق جو مرڪز بڻجندو پر ان سان حاصل ٿيندڙ آمدني قائم ڪيل ٻيلن جي سارسنڀال ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وڌيڪ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٻيلن جي لاءِ بائيو ڪاربن انجنيئرنگ جي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٻيلا قائم ڪرڻ ۽ سارسنڀال ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان هلندڙ مون سون جي وڻن جي پرورش جي لاءِ موزون ترين وقت ۾ ان کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي منصوبي ۾ پاڪستان جي پهرين قابل تجديد توانائي وارو صنعتي علائقو قائم ڪرڻ تي پڻ بريفنگ ڏني وئي جيڪو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 5 هزار جي لڳ ڀڳ ننڍي ۽ وڏين صنعتن ۽ روزگار جا لکين موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. واضح رهي ته منصوبي ۾ پهريون ڀيرو بلدياتي سطح تي ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا ويندا. ان کانسواءِ اجلاس کي لاهور سينٽرل بزنس ڊ سٽرڪٽ تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ هڪومت جا وڏا ترقياتي منصوبا آهن جيڪي لاهور شهر تي آبادي جي دٻاءُ کي گهٽ ڪري شهرين کي عالمي معيار جي سهولتن سان ليس رهائش فراهم ڪنداسين. وزيراعظم منصوبي بابت سمورن قانوني معاملن کي حل ڪري مقرر مدي ۾ سمورن قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.