APP32-010221 SHIKARPUR: February 01 - Federal Minister for Planning, Development and Initiatives (PDSI) Asad Umar addressing to party workers at residence of PTI leader Agha Taimoor Pathan at Sultan Kot. APP photo by Nadeem Akhtar

شڪارپور – 01 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت امن امان جي حوالي سان عوام جو تحفظ نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ وفاق کي آئيني ۽ قانوني حق آهي ته مداخلت ڪري، سنڌ ۾ رينجرز جي مدد سان آپريشن يا ٻيو ڪو طريقو استعمال ڪري ڌاڙيل راڄ کي ختم ڪري سگهي ٿو، عوام کي بي يارومددگار ڇڏي نه ٿا سگهون، سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو نه ٿيندو ڇو ته صوبن کي 18 هين ترميم تحت پنهنجا اختيار حاصل آهن، سنڌ جي نوجوانن ۾ وڏو ٽئلينٽ موجود آهي جن پاڻ کي پاڪستان ۽ دنيا اندر مڃرايو آهي. اهڙو اظهار هن شڪارپور ۾ آغا تيمور خان جتوئي جي رهائشگاهه اسلام ڪوٽ ۾ ۽ جي ڊي اي جي ايم اين اي غوث بخش خان مهر جي ڳوٺ وزيرآباد ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته وفاق ايندڙ بجيٽ ۾ صحت جي حوالي سان 70 ارب روپيا رکڻ چاهي ٿو جنهن مان 15 ارب صحت جي حوالي سان سنڌ تي خرچ ڪيا ويندا جنهن جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاڻ ٻڌائي ته اُهي پئسا ڪٿي خرچ ڪرڻا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ اٽو 1200 کان 1300 روپيه 20 ڪلو جو ڪٽو ملي ٿو جڏهن ته پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ 840 روپين جي حساب سان اگهه ورتو وڃي ٿو، سنڌ حڪومت کي اٽي تي مهانگائي نظر نه ٿي اچي باقي عوام پاڻ سمجهي ٿو ته مهانگائي ڇو ۽ ڇا جي ڪري ٿي آهي؟ ان جا ڪهڙا سبب آهن؟