ڪراچي-16 فيبروري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ايس ايس پي ملير جي آفيس مان وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مون تي پوليس جي موجودگي ۾ حملو ڪيو اڄ صبح جو مون خدشو ظاهر ڪيو هو ته مون تي حملو ڪرايو ويندو. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته مراد علي شاهه جي والد مرتضيٰ ڀٽو تي پوليس جي ذريعي حملو ڪرايو هو مون تي پوليس جي موجودگي ۾ حملو ٿيو هن چيو ته مان تڪ ۾ موجود نه هيس پر جڏهن ڏٺو ته اسان جي ماڻهن تي حملا ٿي رهيا آهن تڏهن آيس پي پي جي گنڊن پوليس جي موجودگي ۾ منهنجي مٿان فائرنگ ڪئي هن چيو ته بلاول زرداري ۽ مراد علي شاهه پوليس کي ٽاسڪ ڏئي موڪليو آهي هي ماڻهو چاهين ٿا ته حليم عادل شيخ کي رستي تان هٽايو وڃي پهرين مون کي لالچ ڏني وئي هاڻ نقصان پهچايو پيو وڃي ۽ حملا ڪرايا پيا وڃن منهنجي سيڪيورٽي سنڌ حڪومت واپس وٺي ڇڏي آهي ان ڪري مان پنهنجي خانگي گارڊن سان گڏ هيس پوليس منهنجي گارڊن کي پڪڙي ورتو پر پي پي جي غنڊن جن مون مٿان فائرنگ ڪئي انهن کي نه پڪڙيو. حليم عادل شيخ چيو ته اسان پر امن شهري آهيون پر منهنجي ڪارڪنن سان زيادتي برداشت نه ڪندس ڪپتان جو سپاهي آهيان پنهنجي ماڻهن جو تحفظ ڪندس. هن چيو ته ايس ايس پي ملير چيو ته اليڪشن ڪمشنر جي حڪم تي مون کي تڪ مان ٻاهر ڪڍيو آهي.