تاشقند – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ازبڪستان پاڪستان بزنس فورم جو افتتاح ڪيو. ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله آريپوف پڻ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ ازبڪستان سان پاڪستان جي تاريخي، ثقافتي، روحاني رابطن کي اجاگر ڪيو ۽ علائقي جي وڏي معيشت طور وچ ايشيا ۽ ازبڪستان سان گهري رابطن جي لاءِ پاڪستان پاران ڏني ويندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ گهرجي. 100 کان وڌيڪ پاڪستان جي وڏي ڪاروباري شخصيتن جي بزنس فورم ۾ شرڪت جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته ازبڪ ڪاروباري شخصيتن سان مضبوط حصيداري کي فروغ ڏيڻ جو هي هڪ وڏو موقعو آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي مختلف ڪمپنين جي وچ ۾ وڏي انگ ۾ ڪاروباري معاهدن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم خاص طور تي رابطي جي فروغ جي بنيادي اهميت تي زور ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي بندرگاهن ذريعي پهچ فراهم ڪرڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ٽرمز، مزار شريف، ڪابل ۽ پشاور کي ڳنڍيندڙ ريلوي منصوبي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڻ ۾ رابطي جي فروغ جي ايجنڊا کي وڌائڻ جي لاءِ افغانستان ۾ امن انتهائي اهميت رکي ٿو. هن امن عمل جي حمايت جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي پڻ روشني وڌي. بزنس فورم ۾ مختلف وڏن برآمدي شعبن ۽ لاجسٽڪ خدمتون فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي نمائندگي ڪندڙ 100 کان وڌيڪ وڏي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن شرڪت ڪئي. بزنس فورم جو انعقاد پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار جي فروغ، ڪاروباري وفدن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري جي نئين موقعن جي نشاندهي ۽ ڪاروباري منصوبن ۾ نجي شعبي کي شامل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو.