
اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊيجيٽلائيزيشن سان نظام ۾ شفافيت سان گڏ ڪارڪردگي ۾ به اضافو ٿئي ٿو، پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ برتري حاصل ڪندو، پاڪستان ۾ ڪورونا جي خلاف بهتر حڪمت عملي سان ضابطو آندو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده دور ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري چڪي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن سان نظام ۾ شفافيت سان گڏ ڪارڪردگي ۾ به اضافو ٿئي ٿو، حڪومتي ادارا ڊيجيٽلائيزيشن طرف منتقل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تيز رفتار ترقي معاشري ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، فور جي ۽ فائيو جي انٽرنيٽ کي تيز رفتار ڪري ڇڏيو آهي، ڊيجيٽلائيزيشن سان انسان جي لاءِ آسانيون پيدا ٿيون آهن ۽ ان جي ڪارڪردگي ۽ رفتار ڪيترا ڀيرا وڌي وئي آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي سان انسان جي معلومات جو ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي ۽ ڪنهن به شيءَ بابت معلومات آساني سان انٽرنيٽ ذريعي معلوم ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل به جاري آهي ۽ اهو عمل 2023ع تائين مڪمل ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ پارليامينٽ ميمبرن کي پارلياماني ڪارروائي بابت ملومات انهن جي ڊيسڪ ٽاپ تي دستياب هوندي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف 2011ع ۾ ئي ٽيڪنالاجي طرف منتقل ٿي وئي هئي، اسان پارٽي چونڊون موبائيل فون ذريعي ڪرايون جنهن ۾ 35 لک راءِ ڏيندڙن حصو ورتو. هن چيو ته سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي مدد ڏوهن جي روڪٿام ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته ايوان صدر جي ڊيجيٽلائيزيشن طرف منتقلي سان عوام کي معلومات تائين پهچ ملندي ۽ اهي ايوان صدر جي ذيلي ادارن، وفاقي محتسب، وفاقي ٽيڪس محتسب ۽ حراست جي خاتمي بابت محتسب بابت آگاهي حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته محتسب 60 ڏينهن ۾ فيصلو ڪندا آهن ۽ هڪ مهيني ۾ اپيل تي فيصلو ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين هڪ سادي مشين آهي، اها ڪمپيوٽر مشين نه آهي پر ڪائونٽنگ مشين آهي، سمورين ڌرين سان ان معاملي تي مشاورت ڪئي آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستانين جي لاءِ انٽرنيٽ ذريعي ووٽنگ مشين ذريعي ووٽ وجهڻ جو نظام محفوظ هجڻ گهرجي، رڳو اهو يقيني بڻائڻ ضروري آهي ته سسٽم هيڪ نه ٿئي ۽ سسٽم ويهي نه رهي، اها به تجويز غور هيٺ آهي ته اليڪشن هڪ ڏينهن بدران ٽن يا چئن ڏينهن ۾ ڪرائي وڃي. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان پنهنجي عوام جي دانشمندي سان اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ به ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي خلاف بهتر حڪمت عملي سان ضابطو آندو پيو وڃي. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ اعليٰ آفيسر موجود هئا.