
اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته دنيا ۾ هڪ نئين سوچ جنم ورتو آهي، مسئلا جنگين سان حل نه ٿا ڪري سگهجن، بيانيي ۽ راءِ جي جنگ تيزي سان وڌي رهي آهي، چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ مشڪل ضرور آهي ناممڪن نه آهي، وارفيئر جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز، سينٽر فار لاء اينڊ سيڪيورٽي جي اهتمام هيٺ لا فيئر اينڊ پاڪستان جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين لا فيئر جو پس منظر ٻڌائيندي چيو ته عالمي جنگين جي تباهين کانپوءِ دنيا ۾ اهو احساس پيدا ٿئي ته مسئلن کي ٽڪراءُ بدران عالمي قانون تحت حل ڪيو وڃي. انهي حوالي سان لا فيئر جو تصور سامهون آيو. هن چيو ته شروع ۾ عالمي لا فيئر جو ڪو منفي استعمال نه هو پر بعد ۾ ڪنهن حريف ملڪ کي طاقت جو استعمال ڪرڻ کانسواءِ دٻاءُ ۾ آڻڻ جي لاءِ لا فيئر جو استعمال ٿيڻ لڳو. هن چيو ته نائن اليون کانپوءِ لا فيئر جو جديد استعمال سامهون آيو، پاڪستان جي خلاف فيٽفف جي صورت ۾ انهي لا فيئر کي استعمال ۾ آندو ويو. پاڪستان ۾ قانون جي حوالي سان وڏو مضبوط بنياد آهي ۽ عالمي قانونن تي ڪم ڪندڙ ناليوارا قانوندان موجود آهن پر ان حوالي سان دنيا ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي موجب پاڪستان جي نظام کي اپ ڊيٽ نه ڪيو ويو. هن چيو ته پنهنجي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ بڻائڻ کانسواءِ گهربل مقصد حاصل نه ٿا ڪري سگهجن. چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت پاڪستان جي خلاف عالمي لا فريم ورڪ کي فيٽف ۽ اظهار راءِ جي آزادي جهڙي عمل کي بنياد بڻائي لا فيئر طور استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن م اسان جي پنهنجي ملڪ جا ڪجهه ماڻهو به شامل ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته هي اهم مسئلو آهي ان بابت اسان کي بحيثيت قوم ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ماڊرن لا فيئر جي حوالي سان پنهنجي صلاحيتن کي وڌائڻ گهرجي، ان حوالي سان ميڊيا جو ڪردار تمام اهم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جا 70 هزار ماڻهو شهيد ٿيا، پاڪستان جي قربانين کي موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اولهه ۾ اسان جي انهن قربانين تي ڪو هڪ به ڪتاب نه لکيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي اندروني چئلينجز جو ٻاهرئين چئلينجز سان گهرو تعلق آهي. ماضي وانگر اڃا به آمريڪا افغانستان مان نڪري وڃي رهيو آهي ته ان سان مسئلا پيدا ٿيندا ۽ پاڪستان تي به اثر پوندا. هن چيو ته اسان جي لاءِ اهم اهو آهي ته اسان پنهنجي صلاحيتن کي وڌائڻو آهي. پاڪستان هڪ عظيم، ستين ائٽمي طاقت ۽ دنيا جي پنجين وڏي قوم آهي. اسان کانسواءِ خطي بابت ڪو فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي.