
اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت 40 لک خاندانن کي غربت مان ڪڍڻ جو سڀ کان وڏو فلاحي منصوبو تيار ڪري ورتو آهي جنهن تحت ڪامياب پاڪستان پروگرام 29 جولاءِ کان باضابطا طور تي شروع ڪيو ويندو. ان ڳالهه جو فيصلو ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ۽ وزيراعظم جي خاص معاون عثمان ڊار جي وچ ۾ هتي ملاقات ۾ ڪيو ويو. اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پن ملاقات ۾ شريڪ هو. ناڻي واري وزارت موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان 29 جولاءِ تي حڪومت جي سڀ کان وڏي فلاحي منصوبو جي شروعات ڪندو، مرڪزي تقريب ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيندي، ان ڏس ۾ عثمان ڊار کي تيارين جو ٽاسڪ ڏنو ويو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عوامي ڀلائي جي منصوبن ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ملڪي سطح تي ڪامياب پاڪستان پروگرام 29 جولاءِ کان لانچ ٿيندو. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان حڪومت جو فلاحي ايجنڊا تي ٻڌل سڀ کان وڏو پروگرام هوندو، هائوسنگ منصوبو، اسڪل ڊيولپمينٽ ۽ آسان قرض ڪامياب پاڪستان پروگرام جو حصو هوندا، هيلٿ ڪارڊز ۽ زرعي خدمتون به ڪامياب پروگرام ۾ شامل هوندا. شوڪت ترين چيو ته 40 لک خاندانن کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ ٺوس پلان ٺاهيو ويو آهي، پروگرام تحت اربين رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. وزيراعظم جي خاص معاون عثمان ڊار ان موقعي تي چيو ته پروگرام تحت حڪومت 5 لک رپين تائين بنا وياج جي قرض ڏيندي. ڪامياب آبادگار پروگرام تحت آبادگارن کي وياج کانسواءِ قرض ۽ ڪاروبار جي لاءِ رقم ملندي، حڪومت هر خاندان مان هڪ ماڻهو کي فني تعليم ۽ تربيت ڏيندي. منصوبي ذريعي سڄي ملڪ جي عوام کي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي اسڪيم ۾ شامل ڪيو ويندو. عثمان ڊار چيو ته ننڍي ۽ آسان قرضن ذريعي هيٺئين طبقي جي مدد جو طريقيڪار پڻ طئي ڪيو ويو آهي.