
ڪراچي – 12 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جديد دنيا سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته وقت جي گهرجن کي پورو ڪيو وڃي، ان جي ضرورتن ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ آپٽيڪل فائبر ڪيبل وڇائڻ جي منصوبي جي صحيحن واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزارت تحت سنڌ جي 3 ضلعن بشمول بينظير آباد، خيرپور ۽ نوشهرو فيروز ۾ آپٽيڪل فائبر ڪيبل وڇائڻ جي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي آهي، منصوبي تي مجموعي طور تي 2 ارب 10 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي. صدر چيو ته وزيراعظم جي ڊيجيٽل پاڪستان ويزن جو مقصد پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي ان ڊوڙ ۾ شامل ڪرڻ آهي، ان مقصد جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جو ڪردار مثالي آهي جيڪا هن مشڪل ترين ٽاسڪ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سمورين ڪوششن ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهي آهي. صدر وفاقي وزير سيد امين الحق کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته آءِ ٽي اهو شعبو آهي جيڪو ملڪ ۾ روزگار جا لکين موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ معيشت کي استحڪام ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ آءِ ٽي واري وزارت جي هيستائين جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي آهي پر اسان کي تمام گهڻو اڳتي وڃڻو آهي. آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ آءِ ٽي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت سميت ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. معاهدي تي يونيورسل سروس فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حارث محمود چوڌري ۽ پي ٽي سي ايل جي وقتي چيف ايگزيڪيوٽو نديم خان صحيحون ڪيون.