اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پنجاب ۾ ترقياتي منصوبن جي مانيٽرنگ جي لاءِ جديد سائنسي طريقيڪار ۽ ٿرڊ پارٽي مانيٽرنگ جو نظام جوڙيو وڃي، ضلعي ترقياتي پئڪيج تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، هر ضلعي ۾ راندين جا ميدان ٺاهيا وڃن، يونيورسل هيلٿ ڪيئر جي سهولت مان عام ماڻهو کي فائدو کڻڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿئي، ترقياتي پئڪيج تي اڳڀرائي جو ٽه ماهي جائزو وٺي رپورٽ وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪلي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ترقياتي پئڪيج جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، ناڻي واري صوبائي وزير هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، وڏي وزير جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين سينيئر عملدارن کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ٻڌايو ته مالي سال 22 – 2021ع جي بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 66 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو جڏهن ته گذريل سال جي بجيٽ جي استعمال ڪرڻ جي شرح 97 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل 10 سالن ۾ رڪارڊ آهي. گذريل سال ڪل 5889 اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون. منصوبابندي بورڊ پنجاب جي سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته هن سال بجيٽ هدف پنجاب گروٿ اسٽريٽجي 2023ع کي نظر ۾ رکي ٺاهيا ويا. خاص ڌيان معاشي واڌويجهه، ٺوس ۽ هڪ جهڙي ترقي، زرعي ترقي، انساني ترقي، پائيدار ترقي جي هدفن، ضلعي ترقياتي پئڪيج، ماحولياتي تحفظ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي ڏنو ويو آهي. هن سال ترقياتي بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 560 ارب رپيا آهي جنهن ۾ 7116 منصوبا شامل آهن، ان ۾ 90 سيڪڙو نيون اسڪيمون شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مختلف شعبن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي، جن ۾ 54 ارب رپيا تعليم، 99 ارب رپيا صحت، 100 ارب رپيا ضلعي ترقياتي پئڪيج، 36.5 ارب رپيا زراعت، 11.3 ارب رپيا سماجي تحفظ، 12.2 ارب رپيا صنعت ۽ 5 ارب رپيا آءِ ٽي سيڪٽر جي لاءِ رکيا آهن، ترقياتي بجيٽ سان 350000 روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ جو ڪاٿو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ترقياتي معاملن جي ڏس ۾ زراعت ۽ انڊسٽري جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي ۽ ان جي بجيٽ ۾ اٽڪل ٽي سئو ڀيرا اضافو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم پنجاب ترقياتي پروگرام جي هدفن کي ساراهيندي انهن منصوبن جي مسلسل نگراني جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سمورن ضلعي ۽ لاڳاپيل ادارن جا آفيسر منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جا ذميوار هوندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي مانيٽرنگ جي لاءِ نه رڳو جديد سائنسي طريقيڪار کي استعمال ۾ آندو وڃي پر ٿرڊ پارٽي ذريعي مسلسل مانيٽرنگ جو نظام جوڙيو وڃي جيڪو ان حوالي سان مسلسل آگاهه رکي. وزيراعظم چيو ته ضلعي ترقياتي پئڪيج تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن عوام کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، هر ضلعي ۾ نوجوانن جي لاءِ راندين جا ميدان ٺاهيا وڃن ته جيئن انهن کي صحتمند سرگرمين جي لاءِ موقعا فراهم ٿين. پنجاب ۾ يونيورسل هيلٿ ڪيئر جي نظام جو خاص طور تي ذڪر ڪندي وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته عام ماڻهو ان سهولت مان مڪمل طور تي فائدو کڻي ۽ ان حوالي سان ان کي ڪا ڏکيائي نه ٿئي. هن چيو ته ترقياتي پئڪيج جي ٽه ماهي جائزي ۽ اڳڀرائي رپورٽ کان وزيراعظم آفيس کي پڻ آگاهه رکيو وڃي.