اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ (ن) ليگ ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڪائونٽس جي فنانشل ايڪسپرٽس ۽ چارٽر اڪائونٽنٽ جي ذريعي ڇنڊڇاڻ جي نئين درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران جمع ڪرايل رڪارڊ موجب (ن) ليگ جي 12 ۽ پيپلزپارٽي جي 7 اڪائونٽس جو گوشوارن ۾ ذڪر نه آهي، ڪٿي اهي اڪائونٽس مني لانڊرنگ، فالودي واري ۽ پاپڙ واري اڪائونٽس وانگر ڪميشن ۽ مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ته نه ٿيا، بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته منهنجي حڪومت کي ڪيرائڻ جي لاءِ نواز شريف اسامه بن لادن کان پئسا ورتا آهن، پيپلزپارٽي مارڪ سهگل کي ڪهڙي مد ۾ ادائيگيون ڪندي رهي، ڪشمير جي شهيدن جي ڏهاڙي تي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ ڪشميرين کي سلام پيش ڪريون ٿا، مودي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي شادي تي گهرائيندڙن ڪڏهن ان کان سوال ڪيو ته هو مظلوم ڪشميرين تي ڇو ظلم ڪري رهيو آهي، ڪجهه ٻهروپيا ڪشمير جي دوري تي آهن جن جو ڪشمير ڪاز سان ڪو تعلق نه آهي، اهي اصل ۾ ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچائي رهيا آهن، اڪبر ايس بابر ايزي جي اڳئين قسط جي لاءِ هٿ ٺوڪي فارن فنڊنگ رپورٽ جو شوشو ڇڏي رهيا آهن. هو اليڪشن ڪميشن ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي فارن فنڊنگ بابت پنهنجي درخواست جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي فارن فنڊنگ جي حوالي سان اسڪروٽني ڪميٽي ۾ اسان جي درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، اسان هڪ نئين درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي پاران فارن فنڊنگ جي حوالي سان جمع ڪرايل رڪارڊ تائين پهچ خاص طور تي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ۽ فنانشل ايڪسپرٽس کان ڇنڊڇاڻ جي گذارش ڪئي آهي ڇو ته اليڪشن ڪميشن اها سهولت پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ به ڏني آهي، اها ئي سهولت اسان به گهري آهي، ان جي اڳ ۾ مثال موجود آهي. هن چيو ته اسان جو ڪيس 2017ع کان اليڪشن ڪميشن وٽ هلي رهيو آهي، پر (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي اڪائونٽس جو رڪارڊ جمع نه ڪرائي رهيا آهن، اسٽيٽ بئنڪ پاران جيڪو رڪارڊ جمع ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ ٻنهي پارٽين جا 19 اڪائونٽس اهڙا آهن جيڪي انهن پارٽين جي گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيا ويا. هن چيو ته اهي ٻئي پارٽيون ان آئيني اداري آڏو جواب ڏين، رڪارڊ جمع ڪرائڻ بدران فراريت اختيار ڪئي آهي پر پي ٽي آءِ پڪوپهه ڪيو آهي ته ان ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته حنيف عباسي جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سمورين سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي خلاف فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 60 هزار عطيو ڪندڙ ماڻهن جو رڪارڊ پيش ڪيو آهي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي وارن پنهنجي پارٽي اڪائونٽس کي پڻ مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ جعلي اڪائونٽس جي لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن، بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته نواز شريف منهنجي حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ اسامه بن لادن کان پئسا ورتا آهن، اها خبر نه آهي ته ڪٿان ڪٿان ڪنهن جي نالي تي پئسا وٺندا رهيا آهن. هن چيو ته اڄ 13 جولاءِ 1931ع ۾ اڄ جي ڏينهن ڊوگر راڄ آڏو معصوم ڪشميري شيهي جي ديوار بڻجي ويا، انهن جي قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪجهه ٻهروپيا ڪشمير جي دوري تي آهن، ان کان اڳ انهن خواب ۾ به ڪشمير نه ڏٺو هو، هڪ محترمه جڏهن ڪشمير وڃي ٿي ته ڪشمير جي ڌيءَ، پنجاب، سن، گلگت بلتستان وڃي ٿي ته اتان جي ۽ لاڙڪاڻي وڃي ٿي ته زرداري جي ڌيءَ بڻجي وڃي ٿي. هن چيو ته جعل سازي جي انتها ٿي وئي، فوٽو شاپ ۾ نواز شريف جو فوٽو لڳائي ٽوئيٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان کي ڊيليٽ ڪرڻو پوي ٿو ڇو ته نواز شريف ته لنڊن ۾ ويهي پولو مئچ ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته مودي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ نواز شريف ڀارت وڃي حريت اڳواڻن سان ملڻ بدران سجن جندال ۽ ڀارتي اداڪارن سان ملي ٿو، جڏهن ڪلڀوشن گرفتار ٿئي ٿو ته انهن جون زبانون نالو وٺندي ڏڪڻ لڳن ٿيون. هن چيو ته عمران خان گڏيل قوم، ٽرمپ سان ملاقات، او آءِ سي سميت هر فورم تي ڪشمير جو سچو وڪيل ۽ پڪو سفير بڻجي ڪيس وڙهندي مودي جي انتهاپسنداڻي هندوتوا جي فلسفي تي ٻڌل سوچ کي بي نقاب ڪيو آهي، اڄ جيڪڏهن اولهه ميڊيا مودي جي رياستي دهشتگردي کي بي نقاب ڪري رهي آهي ته ان ۾ به عمران خان جي جدوجهد شامل آهي.