اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحولياتي تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وڻڪاري مهم ۾ ٽائيگر فورس، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري کاتن جي ڀرپور شرڪت يقيني بڻائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مون سون وڻڪاري جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلي وارو خاص معاون ملڪ امين اسلم شريڪ جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جي جنگلات واري صوبائي وزير محمد سبطين خان، وڏي وزير جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ ۽ ٻين آفيسرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ اجلاس ۾ موجود هو. مون سون وڻڪاري جي حوالي سان وزيراعظم کي پنجاب صوبي جي هدفن ۽ حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازي مون سون وڻڪاري ۾ پنجاب صوبو اهم ڪردار ادا ڪندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ سال 2016ع کان 2018ع تائين رڳو هڪ ڪروڙ ٻوٽا هنيا ويا هئا پر موجوده حڪومت ۾ هيستائين ڪروڙين ٻوٽا ۽ وڻ لڳايا ويا آهن. ٻيلن واري صوبائي وزير ٻڌايو ته ٻيلي کاتي ۾ سرسبز پنجاب جي حوالي سان 6، 6 مهينن جا هدف مقرر ڪيا آهن. سي ڊي اي چيئرمين اجلاس کي وفاقي گادي واري شهر ۾ وڻڪاري مهم جي حوالي سان پڻ بريف ڪيو. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ماحوليات جي تحفظ جي لاءِ وڻڪاري انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تحفظ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه صوبي بلين ٽري سونامي جي حوالي سان قابل تقليد مثال قائم ڪيو آهي، ماحول جي تحفظ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي قدمن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجاب صوبي ۾ ڊويزن ۽ ضلعن جي سطح تي وڻڪاري جي پلان کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نه رڳو وڻڪاري پر وڻڪاري مهم جي مانيٽرنگ ۽ نتيجن جي حوالي سان پڻ جديد طريقيڪار کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وڻڪاري مهم ۾ ٽائيگر فورس، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري کاتن جي ڀرپور شرڪت پڻ يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي.