اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 24 فوتگيون ٿيون جنهن مان 15 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾1683 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 14 سيڪڙو، پشاور ۾ 14 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 12 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 15 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 29 سيڪڙو، ملتان ۾ 18 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 20 ۽ گلگت ۾ 82 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 50 هزار 531 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 هزار 959، پنجاب ۾ 17 هزار 180، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 11، اسلام آباد ۾ 2 هزار 859، بلوچستان ۾ 714، گلگت بلتستان ۾ 522، آزاد ڪشمير ۾ 1286 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 10 هزار 609 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 201 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 34 هزار 531 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 67 هزار 633 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 20 هزار 728، بلوچستان ۾ 27 هزار 502، گلگت بلتستان ۾ 6 هزار 639، اسلام آباد ۾ 83 هزار 259، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 38 هزار 855، پنجاب ۾ 3 لک 47 هزار 347 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 43 هزار 303 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 22 هزار 493 آهي.