اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم ۽ بلاول جي اها ئي ڪارڪردگي آهي ته هو نواز ۽ زرداري جا ٻار آهن، ٻئي پنهنجي پنهنجي والد جي ڪرپشن بچائڻ لاءِ لڳل آهن، مريم ۽ بلاول جي ڪجهه ڏينهن به گڏجي هلي نه سگهيا، دنيا ۾ ڪو به اهڙو سزا يافته شخص نه آهي جنهن کي ٽي وي تي خطاب جو موقعو ملندو هجي، نواز شريف ڀارت ويندو هو پر حريت اڳواڻن سان ملڻ کان انڪار ڪندو آهي ڇو ته هو پنهنجي مودي جي کي ناراض نٿو ڪري سگهي، نواز شريف ڀڳوڙو آهي، ان جون سزائون بحال آهن، واپس اچي ۽ سزا ڪٽي، گلگت بلتستان وانگر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اليڪشن ۾ به پاڪستان تحريڪ انصاف ڪلين سوئيپ ڪندي، عمران خان جهڙي طرح ڪشميرين جو ڪيس وڙهيو ان جو مثال نٿو ملي. هو هتي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول ۽ مريم اهي آهن جنهن چونڊن کان اڳ ڪشمير جو دورو ئي نه ڪيو، ڪشمير جي حوالي سان توهان ماڻهن جي جدوجهد ڪهڙي آهي، مريم ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائڻ کان اڳ اهو سوچي ته ڪشمير جي عوام سان ن ليگ حڪومت ڪهڙي طرح استحصال ڪيو، هن چيو ته مريم مودي توهان جي نجي پروگرامن ۾ ايندو آهي ۽ توهان به ويندا آهيو، نواز شريف ڀارت ويندو هو پر حريت اڳواڻن سان ملڻ کان انڪار ڪندو هو ڇو ته هو پنهنجي مودي جي کي ناراض نه ڪري سگهندو هو، هن چيو ته عمران خان مغربي ميڊيا ۽ عالمي دنيا جي سامهون مودي آئيڊيالوجي ۽ هندو توا سوچ کي بي نقاب ڪيو، ڪشميرين کي عوام خان تي فخر آهي، ڇو ته اڄ تائين ڪنهن ان انداز ۾ عالمي سطح تي ڪشمير جو ڪيس ناهي وڙهيو، هن چيو ته اها حقيقيت آهي ته ڪشمير ۾ اليڪشن جي لاءِ ن ليگ وٽ اميدوار ئي نه آهي، گهرن ۾ وڃي ٽڪيٽ ورهائي رهيا آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر هاڻي آزاد ڪشمير ۾ به توهان کي شڪست نظر اچي رهي آهي ان لاءِ گوڙ شروع ڪري ڇڏيو آهي، مريم جي اها ڪارڪردگي آهي ته هو نواز شريف جي صاحبزادي آهي، ڪا سياسي جدوجهد ان جي حصي ۾ ناهي آئي، هن چيو ته ڪشميري عوام کي خبر آهي ته هنن کي پي ٽي آءِ حڪومت آڻڻي آهي، گلگت بلتستان ۾ عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو آهي اڄ اتي رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ڪشمير ۾ به پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهندي، عمران خان ڪشميرين جي امنگن تي پورو لهندو.