APP91-070721 ISLAMABAD: July 07 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting of Task Force on Gems and Jewellery. APP

اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ 72 سالن ۾ پهريون ڀيرو قيمتي پٿرن، زيورن ۽ معدنيات جي شعبي کي برآمدي صنعت ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جميز، جيولري ۽ منرلز ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير خسرو بختيار، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، جيمز، اينڊ جيولري ٽاسڪ فورس جي چيئرمين انجنيئر گل اصرار خان، عاطف خان، ٽاسڪ فورس جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٽاسڪ فورس جي جيمز، جيولري ۽ منرلز شعبي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڄاڻايل منرل سٽي تي سفارشون پيش ڪيون ويون، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ قيمتي پٿرن جو روانگي واپار جي حوالي سان 5 ارب ڊالر جي ساليانو جي صلاحيت موجود آهي، جنهن سان گڏوگڏ ملڪي معيشت تي مثبت اثر ۽ لکين نوڪريون پيدا ٿينديون، پاڪستان ۾ هن وقت 99 قسمن جي قيمتي پٿرن جا ذخيرا موجود آهن ۽ ان شعبي ۾ پيداوار جي حوالي سان پاڪستان دنيا ۾ 8 وڏو ملڪ آهي، وڌيڪ اهو ته محتاط اندازي موجب پاڪستان ۾ ساليانو 200 ٽن سون جي کپت آهي، ان شعبي ۾ لاڳاپيل موثر قانونسازي ۽ بهتر انتظام سان ان کي هڪ وڏي برآمدي صنعت ۾ تبديل ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جيمز اينڊ جيولريز کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ ٽاسڪ فورس جي لائحه عمل موجب ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. روانگي واپار کي وڌائڻ لاءِ ايڪسپورٽ پروموشن تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو جنهن جي لاءِ پاڪستاني سفارتخانن کان به مدد ورتي ويندي. ان کانسواءِ جيمز اينڊ جيولريز سٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، جتي وسيلن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ، شعبي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ون ونڊو آپريشن فراهم ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن کي مراعتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو. شروعاتي طور تي موجود وسيلن کي استعمال ۾ آڻي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل اختيار ڪيو ويندو، وڌيڪ پاڪستان عالمي منڊين تائين پهچ لاءِ شعبي بابت سرٽيفڪيشن به حاصل ڪندو. ان ۾ نه رڳو قيمتي پٿرن پر قيمتي ڌاتن جي اسٽينڊرڊز نه رڳو واضح ڪيا ويندا پر موجود معيار عالمي سطح تي آندو ويندو ان کانسواءِ اجلاس کي اهو ٻڌايو ويو ته ان شعبي ۾ تحقيق جي وسيلن جي موجودگي جي باوجود ڪا خاطر خواه اڳڀرائي ناهي ڪئي وئي، لائحه عمل موجب تحقيق جي شعبي کي فعال بڻائي سڀئي جديد اسٽينڊرڊز متعارف ڪرايا ويندا، اجلاس ۾ منرل سٽي جي قيام تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، پاڪستان ۾ ڪيميڪل منرل صنعت لاءِ علائقي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جتي ڪچي معدنيات ۽ صنعتي ويليو ايڊيشن ڪري نه رڳو آمدني واپار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر روانگي واپار سان پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿيندو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته حڪومت معدنيات ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي جي روايتي طريقن کي مٽائي جديد ٽيڪنالاجي سان ان شعبي جي نئين سر جوڙجڪ ڪري رهي آهي، وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته اهڙا سڀئي وسيلا جيڪي ضايع ٿي رهيا آهن انهن کي استعمال ۾ آندو وڃي ۽ ان لائحه عمل تي عملدرآمد لاءِ باقاعده شيڊول جوڙڻ سان گڏوگڏ سيڙپڪارن لاءِ موجوده رڪاوٽن جو تدارڪ ڪيو وڃي.