اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار دليپ ڪمار جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته دليپ ڪمار جو لاڏاڻو فلمي دنيا جو هڪ سنهري دور ختم ٿيڻ آهي، ڀارتي فلم نگري ۾ يوسف خان بڻجي ويندڙ کي دليپ ڪمار جي غير معمولي شهرت عروج تي پهچايو، هو اهڙين شاندار صلاحيت جو فنڪار هو جنهن کان اداڪار سکندا هئا، هن چيو ته پرڪشش شخصيت کانسواءِ هن پنهنجي فنڪاراڻي قابليت کان عوام کان بي پناهه محبت ۽ داد وصول ڪيو، چوڌري فواد حسين چيو ته جتي جتي اردو ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي آهي دليپ ڪمار جو نالو دلين جي دڙڪن آهي، ان جو لاڏاڻو فلمي دنيا لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هو فن جي صورت ۾ پنهنجي چاهيندڙن جي دلين ۾ زنده رهندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.