اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ننڍي کنڊ جي ناليواري اداڪار دليپ ڪمار جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم هڪ بهترين اداڪار هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري اداڪار دليپ ڪمار جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، صدر چيو ته مرحوم بهترين اداڪار، هڪ عاجز انسان ۽ هڪ عظيم شخص هو، صدر مرحوم جي پوئينرن ۽ چاهيندڙن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي.