اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مشهور اداڪار دليپ ڪمار جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته دليپ ڪمار فلمي دنيا ۾ هڪ ڊگهو عرصو رهيو، هو پنهنجي اندر هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو، نون اداڪارن کائنس گهڻو ڪجهه سکيو، هن چيو ته دليپ ڪمار جي لاڏاڻي سان فلمي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، مرحوم جي مغفرت ۽ پوئينرن کي صبر جميل لاءِ دعاڳو آهيان.