اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ناليواري اداڪار يوسف خان (دليپ ڪمار) جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو آهي ته دليپ ڪمار هڪ عظيم اداڪار ۽ بهترين شخصيت جو مالڪ هو. دليپ ڪمار ڊگهي عرصي تائين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، سينيٽ چيئرمين الله تعاليٰ کان مرحوم جي بلند درجن جي دعا ڪئي، هن چيو ته پوئينرن جي ڏک ۾ شريڪ آهيان، سينيٽ چيئرمين چيو ته الله تعاليٰ پوئينرن کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏي.