گوادر – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم سومر ڪالهه سُومر تي گوادر جي دوري دوران 2200 ايڪڙ تي مشتمل گوادر پورٽ فري زون فيز ٽو جو سنگ بنياد رکيو ۽ ڏکڻ بلوچستان جي لاءِ 600 ارب جي ترقياتي پيڪيج تي عملدرآمد جي حوالي سان اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. اها ڳالهه سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه وزيراعظم جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي ٻڌائي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم گوادر آيو آهي جيڪو هڪ تاريخي موقعو آهي. وزيراعظم جي دوري دوران گوادر پورٽ فيز ون جي تڪميل کان پوءِ گوادر فري زون فيز ٽو جو سنگ بنياد رکيو ويندو. اهو هڪ وڏو قدم آهي، فيز ون جو فيز ون صرف 60 سيڪڙو تي مشتمل هو جڏهن ته فيز ٽو 2200 ايڪڙ تي مشتمل هوندو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم دوري دوران پنج فيڪٽرين جي تعمير جو سنگ بنياد به رکندا. گوادر شهر ۽ ڏکڻ بلوچستان جي لاءِ وزيراعظم 600 ارب روپين جو پيڪيج ڏنو آهي. هن ٻڌايو اڄ تقريب ۾ شنگهائي کان 7، 8 وڏا سيڙپڪار آن لائين شرڪت ڪندا ۽ نه رڳو گوادر پر پوري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن جو اعلان ڪندا. 7 علائقائي ملڪن جا سفير ۽ وزيراعظم جي موجودگي ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪن پاران سيڙپڪاري ۾ شرڪت جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندا. هن ٻڌايو ته چائنه بزنس سينٽر فري زون ون ۾ واقع آهي ان کي سائوٿ زون به چوندا آهن ان ۾ 46 انٽرپرائيزز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ 12 فيڪٽريون شامل آهن، جنهن مان ٽي مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جي پيداوار جاري آهي، هن چيو ته هتي ٽريفڪ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي اهي، گذريل سال پهرين جي مقابلي ۾ سامان جي سوين ڀيرا وڌيڪ ترسيل ٿي آهي ۽ ٿهن سال اسان 60 هزار ميٽرڪ ٽن تائين پهچي چڪا آهيون. 5 ايل پي جا جهاز گوادر ۾ آيا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٽريفڪ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، فري زون ۾ صنعت سازي لاءِ دلچسپي ۾ اضافو ٿيو آهي، ٽرانشپمنٽ ۾ به دلچسپي وڌندي پئي وڃي، هن چيو ته ايران سان گبد جو ڪراسنگ پوائنٽ هلي رهيو آهي، گوادر جي ذريعي ايراني سامان جي چرپر تي ڪم ٿي رهيو آهي، ايراني سرحد سان باڙ لڳائڻ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، بارڊر مارڪيٽون به ٺهي رهيون آهن، جنهن سان واپاري ماپي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ اسمگلنگ ۾ به گهٽتائي اچي رهي آهي، وزيراعظم جي بجلي ۽ پاڻي جي منصوبن جي حوالي سان وڌيڪ دلچسپي آهي، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باوجوه ٻڌايو ته وزيراعظم جي دوري دوران هڪ معاهدي تي صحيحون ٿينديون جنهن تحت چين اسان کي 1.2 ملين گيلن جو صاف پاڻي جو پلانٽ تحفو ڏيندو. اهو 12 کان 13 مهينن دوران مڪمل ٿيندو، ان کانسواءِ ڏکڻ بلوچستان پيڪيج ۾ گوادر جي لاءِ پاڻي ۽ بجلي جا منصوبا شامل آهن، 5 ملين گيلن پاڻي روزاني صاف پاڻي جي فراهمي جو پلانٽ به ان پيڪيج ۾ شامل آهي. ان کانسواءِ وزيراعظم بجلي جي هڪ منصوبي جي منظوري ڏني آهي جنهن تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، جنهن تحت ڏکڻ بلوچستان خاص طو رتي گوادر ۾ مين گرڊ سان ڳنڍيو ويندو، ان کانسواءِ 300 ميگاواٽ جي هڪ پلانٽ تي به ڪم ٿي رهيو آهي، بجلي پاڻي ۽ شهر جي لاءِ ٻين سهولت تي وزيراعظم جو خصوصي ڌيان آهي، وزيراعظم کي ڏکڻ بلوچستان جي ترقياتي پيڪيج جي حوالي سان بريفنگ به ڏني ويندي، وزيراعظم ان تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو به جائزو وٺندو.