اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن گوادر بلوچستان جي دوري تي پهتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم کي بلوچستان تي حڪومت جي خصوصي ڌيان جي ويزن جي تحت تاريخي ڏکڻ بلوچستان ترقياتي پيڪيج تي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي، ان کانسواءِ وزيراعظم گوادر فري زون، ايڪسپو سينٽر ۽ ايگريڪلچرل انڊسٽريل پارڪ سان گڏوگڏ ٽن فيڪٽرين جو به افتتاح ڪندو. تقريب ۾ پاڻي ۽ بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ سولر ايئزيشن ۽ ڊي سيلينيشن پلانٽ جي معاهدن تي صحيحون به ٿينديون. ان موقعي تي وزيراعظم، غير ملڪي سفيرن، سيڙپڪارن ۽ چيني ورڪز کي خطاب ڪندو. وزيراعظم ان کانپوءِ مقامي چڱن مڙسن، شاگردن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي به خطاب ڪندو