لاهور – 05 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان جي ڊڪشنري ۾ بليڪ ميل جو لفظ نه آهي، جيڪو آمريڪا کي ”نه“ ڪري سگهي ٿو ان کي ڪا به طاقت بليڪ ميل نٿي ڪري سگهي، ڪهڙي پي ڊي ايم جي ڳالهه ڪريون، هڪ جلسن واري ۽ ٻي پير پڪڙڻ واري آهي، اسحاق ڊار شريف خاندان جي دولت وڌائڻ جي معيشت ڇڏي شاهد خاقان عباسي جي جهاز تي فرار ٿيو، فضل الرحمان جو مسئلو ايزي لوڊ آهي، هي رد ڪيل آهن، پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪري رهيا آهيون، آءِ ٽي اين اي ۾ ساڍا 10 هزار درخواستون آيون، فيصلن جي شرح تمام گهٽ آهي، ن ليگ جي دور ۾ فيصل آباد کي ٽيڪسٽائيل جو قبرستان بڻايو ويو، اسان بجلي، گئس جون قيمتون گهٽ ڪيون، انڊسٽري کي رليف ڏنو، اڄ فيصل آباد ۾ سمورا شعبا ترقي ڪري جي راهه تي گامزن آهن، 2018ع ۾ ن ليگ 24 ارب ۽ اڄ اسان سروسز سميت ايڪسپورٽس کي 31 ارب ڊالر تائين وٺي آيا آهيون، مٽاسٽا جو ناڻو ان کانسواءِ آهي، چاچي ڀائيٽي جي جيستائين صلح نٿي ٿئي تيستائين ڪنهن جي نه هلندي. هو لاهور پريس ڪلب جي پروگرام ميٽ دي پريس کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته جڏهن اسان کي ملڪ مليو ته ان ۾ جرمني، فرانس، چين جهڙي معيشت نه ملي، صرف 15 ڏينهن جي ريزور موجود هو، عمران خان حالتن جي سنجيدگي کي ڏسندي چئلينج کي قبول ڪيو، جي ڊي پي ڏيڍ سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي، اسان جي معيشت 4 سيڪڙو تي آهي، ايڪسپورٽ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته ن ليگ جي دور ۾ 2016 کان 2018ع دوران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ناهي ٿيو، 19 ارب ڊالر تي منجمند هو، اسان جي حڪومت ۾ مٽاسٽا جو ناڻو 29 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان اهو وزيراعظم آهي جيڪو پنهنجو فليٽ وڪرو ڪري پئسو پاڪستان آندو آهي، عمران خان تي ڪووڊ – 19 جي دوران مڪمل لاڪ ڊائون جو پريشر هو پر هن پنهنجي حڪمت عملي تحت معاملا هلايا، هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت 60 لک خاندانن کي مٿي کڻڻ جو منصوبو کڻي آيا آهيون، 5 لک روپين جي ڪاروبار لاءِ بنا وياج قرض، گهر جي ڇت لاءِ 20 لک جي بنا وياج قرض ڏنا ويندا، 100 ارب کان وڌيڪ جي گهٽ آمدني وارن گهرن جون درخواستون مليون آهن، بئنڪن 38 ارب جا قرض منظور ڪري ورتا، هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ترجيحن ۾ سڄي ملڪ جي پريس ڪلبز ۽ صحافتي برادري سان رابطي کي موثر بڻائڻ آهي، صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ آهي، ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي صحافين کي هائوسنگ جي منصوبن ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، ان تي ڌيان آهي، ڪوشش آهي ته ايل ڊي اي سٽي فيز ٽو ۾ جن کي پهرين پلاٽ ناهن مليا انهن جي ڪوٽا مختص ڪريون، حڪومت هيلٿ ڪارڊ جي لاءِ 60 ارب روپيا مختص ڪيا آهن، ان ۾ صحافتي برادري کي به شامل ڪيو ويندو، هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس ڪلبز هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، پريس ڪلب اسان جو پنهنجو گهر آهي، اسان کي ان جاءِ تي پهچائڻ ۾ ان تاريخي پريس ڪلب جو وڏو ڪردار آهي، پنجاب يوينورسٽي کان اسٽوڊنٽ پوليٽيڪس جو آغاز ڪيو، هن چيو ته عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪري رهيا آهيون سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ٺاهي رهيا آهيون، ناله لئي تي ايڪسپريس وي ٺاهي رهيا آهيون، پنجاب جي سموري آبادي جي هليٿ انشورنس ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ڪي پي ڪي ۾ هيلٿ ڪارڊ مان وڏو تعداد مستفيد ٿي رهيو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نيشنل ايگريڪلچر ٽرانسفرميشن پلان کڻي اچي رهيا آهيون، ماضي ۾ کاڄرو تيل، داليون ٻاهران گهرائي رهيا هئاسين پر ان پلان مان ان ڏس ۾ مدد ملندي، زراعت سان خوراڪ پروگرام تائين پيداوار وڌائينادسين، پهريون ڀيرو ڪمند جي آبادگارن کي 100 ارب اضافي مليو آهي، زيتون جي پيداوار لاءِ هڪ ارب روپيا بجيٽ ۾ مختص ڪيا ويا آهن، هن چيو ته عالمي سطح تي مهانگائي گذريل 10 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي، پر اسان جي ڪوششن سان ان مهانگائي جو وڌيڪ اثر پاڪستان جي عوام تي ناهي پيو، هن چيو ته ڏيڍ سال ۾ مهمند ڊيم تي 35 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، داسو ڊيم، ديامرڀاشا ڊيم 4500 ميگاواٽ جو منصوبو آهي، 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيره، ايندڙ 10 سالن ۾ هڪ ڪروڙ 30 لک ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي، مخالف ڌر ٻاراڻي سياست کان ٻاهر نڪري حقيقت جي سياست ڪري، هن چيو ته وزيراعظم پارليامينٽ ۾ بيهي کيس چونڊ سڌارن تي دعوت ڏني، جيڪڏهن هاڻي به اهي نٿا اچن ته ان جو مطلب آهي ته چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک آهي، هن چيو ته وزيراعظم عوام سان جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪندو، آئنده ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام وٽ وينداسين، هن چيو ته 8 ڀيرا پيپلزپارٽي ۽ 3 ڀيرا مسلم ليگ آءِ ايم ايف وٽ وئي، هن چيو ته هن سال 3412 ارب صوبن کي اين ايف سي جي مد ۾ ويندا، 128 ارب سنڌ ڏانهن ويندا جيڪي غير ترقياتي پروگرام تي خرچ ٿيندا، 93 ارب پگهارن ۽ پينشن ۾ خرچ ٿيندا، پنجاب کي 328 ارب اضافي ملندو جنهن ۾ 28 سيڪڙو نان ترقياتي پروگرام تي خرچ ٿيندو، اسان اهو ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪي معيشت ۾ نظم پيدا ڪري ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ اڪانومي نه هجي، هن چيو ته وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي سان صحافين جي لاءِ جرنلسٽ پروٽيڪشن بل آڻي رهيا آيهون، ان جي رستي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون ويون، بلاول کي آمريڪا وڃڻ ۾ ڪهڙي جلدي آهي، پهرين هو انساني حقن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ صحافين بابت بل کي منظور ڪري، هڪٻئي جي راءِ جو احترام ڪري، راءِ ۾ ڪنهن ڌر جي دل آزادي نه ٿئي، پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪري رهيا آهيون، آءِ ٽي اين اي ساڍا 10 هزار درخواستون آيون، فيصلن جي شرح تمام گهٽ آهي، پي ايم ڊي اي ۾ ميڊيا ڪائونسل آڻي رهيا آهيون، پي ايف يو جي، پريس ڪلبز، سي پي اين اي، پي بي اي سميت سڀني سان مشاورت ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته پريويلج بل جي حوالي سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سان ڳالهه ٿي آهي، تڪراري شقون واپس ورتيون وينديون، هن چيو ته ملڪ ۾ ان کان اڳ احتساب ڪو اشو ئي نه هوندو هو، ڪرپشن معاشري کي اڏوهي وانگر کائي رهي هوندي آهي، ڪرپشن کي سسٽم پڪڙيندو، هن چيو ته عسڪري قيادت پوري قومي سياسي قيادت کي متحد ڪري قومي سلامتي تي اعتماد ۾ ورتو آهي، هن چيو ته فضل الرحمان جو مسئلو ايزي لوڊ آهي، هاڻي ان جو ايزي لوڊ ختم آهي ان لاءِ ان جي بيٽري به ختم آهي، عوام کيس رد ڪري ڇڏيو آهي، فضل الرحمان مريم جهڙن ماڻهن جي امامت ڪندو رهندو، فضل الرحمان حلوه کائي ۽ سڪون ڪري، هن چيو ته جتي قومي سلامتي جو معاملو هجي اتي ذاتي شرط نه رکڻ گهرجن.