اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ملڪ جي عسڪري قيادت جي وچ ۾ ملاقات ۾ ملڪي سلامتي سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ڳالهه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. هن چيو ته پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي گذريل ڏينهن اجلاس کان اڳ هن جي ملڪي عسڪري قيادت سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪي سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.