اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، سينيٽر سيف الله نيازي، قومي اسيمبلي جو ميمبر عامر محمود ڪياني ۽ اشرف قريشي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سنڌ ۾ وفاق پاران جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايندڙ تنظيم سازي جي لائحه عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.