اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏهاڪن پراڻن گهرن لاڳاپن کي معاشي ۽ پارلياماني تعاون جي ذريعي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ڪيوبا جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ ٻيا موقعا تلاش ڪرڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ چيئرمين پاڪستان ميڊيڪل شاگردن جي لاءِ ڪيوبا جي اسڪالرشپ پروگرام کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ قدرتي آفتن خاص طو رتي 2005ع جي زلزلي سان ٿيندڙ تباهي کانپوءِ ڪيوبا جي طبي امداد جي به واکاڻ ڪئي، ان موقعي تي ڪيوبا جي سفير زينر جيوير ڪيرو گونزيلز چيو ته ڪيوبا به پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، ڌرين عوام کان عوام جي رابطي ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن کي پارليامينٽ جي ذريعي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڪيوبا پاڪستان ۾ معاشي ۽ انساني وسيلن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، ڪيوبن سفير چيو ته پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪيوبا جي قومي اسيمبلي ۾ فرينڊشپ گروپ به قائم ڪيو ويو آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول انتهائي سازگار آهي، سيڙپڪار دوست پاليسين سان ڪيوبا کي به فائدو کڻڻ گهرجي، ڪيوبا لاءِ توانائي، واپار، زراعت ۽ فشري شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، هن چيو ته پاڪستان واپار، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ڪيوبا سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ڪيوبن سفير چيو ته ڪيوبا جي بزنس مين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن، صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، سينيٽ چيئرمين ڪيوبا جي طرفان پاڪستان لاءِ سفير بڻجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي، سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪيوبا جي سفير جي پاڪستان ۾ موجودگي سان ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.