اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت سدائين ضمني بجيٽ جي حوالي سان قانوني رستو اختيار ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت ضمني بجيٽ پهرين اي سي سي مان منظور ڪرائيندا آهيون بعد ۾ ان جي ڪابينا مان منظوري وٺندا آهيون، بهتر مالياتي انتظام ۽ انصرام لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائڻو پوندو. قومي اسيمبلي ۾ ضمني بجيٽ تي مخالف ڌر جي ميمبرن پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي هن چيو ته مخالف ڌر ميمبرن جيڪي نقطا کنيا آهن انهن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي، آئين جي آرٽيڪل 84 موجب حڪومت وفاقي ڪنساليڊيٽڊ فنڊ مان ادائيگي ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي ان کانپوءِ قومي اسيمبلي مان قاعدي موجب منظوري وٺڻي هوندي آهي، ان ۾ وقت جي ڪابه پابندي ناهي هوندي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو آهي ان موجب ضمني گرانٽس لاءِ وفاقي ڪابينا مان منظوري وٺڻي هوندي آهي، حڪومت ضمني گرانٽس جي پهرين ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي مان منظوري وٺندي آهي ۽ پوءِ ان جي ڪابينا مان منظوري ڏني ويندي آهي، ان سلسلي ۾ سمورن قاعدن ۽ ضاطن جو ڀرپور خيال رکيو پيو وڃي، ناڻي واري وزير چيو ته ضمني گرانٽس پي ٽي آءِ شروع ناهي ڪئي، 13 -2012ع ۾ ضمني گرانٽس جو ماپو 1.4 ٽريلين روپيا هو، 2014ع ۾ اهو 5.7 ٽريلين هو، 18 -2017ع ۾ اهو 600 ارب روپيا هو، جيڪڏهن هن وقت ضمني گرانٽس غلط آهي ته ماضي ۾ ڪهڙي طرح درست هيون ان کي انهي ڏس ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي، ناڻي واري وزير چيو ته هو سمجهي ٿو ته اها روايت ختم ٿيڻ گهرجي ۽ اسان کي گڏجي بهتر مالياتي انتظام ۽ انصرام کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ ان ۾ بهتري آڻڻي پوندي. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر ميمبر تقرير ڪرڻ بدران دستاويزن ڏسن ته ان ۾ ضمني گرانٽس جون سموريون وضاحتون ڏنيون ويون آهن، ناڻي واري وزير چيو ته 2021ع ۾ 260 ارب روپيا صرف بجلي جي سبسڊي جي مدي ۾، اهڙي طرح پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن لاءِ جيڪا ضمني گرانٽس ورتي وئي ان ۾ 9.8 ارب روپيا پي آءِ اي جي رضاڪاراڻي اسڪيم جي لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، 25 ارب روپيا ويڪسين جي خريداري لاءِ ڏنا ويا، اهڙي طرح مالي سال 20 -2019ع ۾ حڪومت ڪورونا وائرس جي عالمگير وبا جي معاشي ۽ سماجي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ 1240 ارب روپين جو امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو ان ۾ 417 ارب روپيا انهي پيڪيج تحت شامل آهن، اهي ڪووڊ 19 بابت خرچا هئا، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪفايت شعاري جي راهه تي گامزن آهي، جنهن 8ا رب روپين جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهي غريب ماڻهن کي هنگامي رليف جي فراهمي لاءِ هئا، وزيراعظم ان مان هڪ ٽڪو به نه ورتو آهي، اهڙي طرح برآمد ڪندڙن ي ڊي ايل ٽي ايل جي مد ۾ 20 ارب روپيا جڏهن ته دياميرڀاشا ڊيم لاءِ 33ا رب روپيا جاري ڪيا ويا، ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 18 -2019ع ۾ ڪار جي تڪرار جي قانوني ڪارروائي لاءِ 8 ارب روپيا ڏنا ويا اهڙي طرح گهرن تي مارگيج ۾ ڪيپيٽل لا 11 ارب روپيا رکيا ويا آهن، ناڻي واري وزير چيو ته 19 -2018ع ۾ ڊي ايل ٽي ايل جي مد ۾ جيڪي 26 ارب روپيا ڏنا ويا اهي مالي سال 17 -2016ع ۽ مالي سال 18 -2017ع جُون رهتُون هُيون، اهڙي طرح پينشن جي مد ۾ 60 ارب روپيا، سول آرمڊ فورسز جي لاءِ 17ا رب ۽ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ 6 ارب روپيا شامل هئا، انهن سمورين ڳالهين جي وضاحت دستاويزن ۾ ڏني وئي آهي تنهن هوندي به ٻنهي پارٽين جي ميمبرن ان جو مطالعو ناهي ڪيو، ناڻي واري وزير چيو ته اسان کي پنهنجي معاملن کي بهتر بڻائڻو پوندو ۽ ان جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون. بجيٽ سيشن دوران اسيمبلي ملازمن ۽ عملي ۽ معاون ادارن جي ملازمن جي لاءِ اعزازئي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته بجيٽ سيشن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ 3 اعزازيا ڏيڻ جي وزيراعظم کي سفارش ڪئي آهي، وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ان جو اعلان ٿيندو.